ڪراچي ۾ عمارت ڪِرڻ جو هڪ ٻيو واقعو، نينگر فوت، ڪيترائي زخمي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي جي علائقي الله والا ٽائون ۾ 4 ماڙ رهائشي عمارت پٽ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ورهين جو نينگر فوت، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي 15 ورهين جي وقاص جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن کي مئل حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو.

حادثي ۾ زخمين کي پڻ جناح اسپتال پهچايو ويو، جن ۾ 60 ورهين جو ايوب، 40 ورهين جي نشا، 18 ورهين جي نازش، 35 ورهين جي راڻي اقبال، 14 ورهين جي ريما اقبال شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ 5 ڄڻا ملبي هيٺان هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي ڪمشنر سهيل راجپوت جو چوڻ هو ملبي مان هيل تائين 6 ڄڻن کي ڪڍيو ويو، جن مان هڪ نينگر فوت ٿي ويو.

هن ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي جي سربراهي ۾ امدادي ڪم لاءِ مشينري سميت سمورا ممڪن وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.

ڪورنگي جي ايس پي شاهه نواز چاچڙ موجب الله والا ٽائون ۾ رشيديه مسجد ڀرسان 4 ماڙ عمارت ڊهي پئي، اطلاع تي مشينري سان گڏ پهتاسين ۽ ملبو هٽائي ڪيترن ئي ماڻهن کي بچايو ويو.

سندس چوڻ هو ته 10 ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته هڪ نينگر فوت ٿيو آهي ۽ وڌيڪ 5 ڄڻا ڊٻيل هجڻ جو خدشو آهي، عمارت تقريبن 4 سال اڳ نجي ٺيڪيدار تعمير ڪئي هئي ۽ تازين برساتن کانپوءِ ان جي حالت خراب ٿي وئي هئي.

هن ٻڌايو ته عمارت ۾ 40 کان 50 ماڻهو رهندا هئا پر ٻه ڏينهن اڳ ان مان گهڻا هتان هليا ويا هئا، جڏهن ته ٻه خاندان رهندڙ هئا، عمارت ڪِرڻ جو اصل ڪارڻ ماهرن جي باقاعدي انڪوائري کانپوءِ ئي پوندو.

هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڪريل عمارت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 خاندان رهندڙ هئا، جڏهن ته ملبي هيٺان ماڻهن جون دانهون به ٻڌڻ ۾ آيون.

ٻئي پاسي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪورنگي جي ڊائريڪٽر آصف رضوي ٻڌايو ته عمارت غير قانوني طور تعمير ڪئي وئي هئي، عمارت چائنا ڪٽنگ جي زمين تي ٺاهي وئي هئي، ان عمارت جو ڪو نقشو يا اپروول پلان نه هو.

واضح رهي ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڪا به رهائش ڪِرڻ جو اهو چوٿون واقعو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.