ڊيوڊ ملان ٽي ٽوئنٽي بيٽسمينن ۾ بابر اعظم کان حڪمراني کسي ورتي

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي جي عالمي رينڪنگ تان بابر اعظم جي حڪمراني جو خاتمو ٿي ويو ۽ انگلينڊ جي ڊيوڊ ملان پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

انگلش بيٽسمين ڊيوڊ ملان نه رڳو پاڪستان پر آسٽريليا خلاف به ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو 4 درجا ترقي ڪندي پهرين پوزيشن تي قابض ٿي ويو آهي ۽ وڏي عرصي تائين پهرين پوزيشن رکندڙ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي.

بيٽسمينن ۾ ايرون فنچ جو ٽيون، لوڪيش راهول جو چوٿون، ڪولن منرو جو پنجون، گلين ميڪسويل جو ڇهون، حضرت الله زازئي جو ستون، ايون ليوس جو اٺون، ورات ڪوهلي جو نائون ۽ اين مورگن جو ڏهون نمبر آهي.

بالرن ۾ راشد خان پهرين، مجيب الرحمان ٻئي، ايشٽن ايگر ٽئين، طبريز شمسي چوٿين، ايڊم زمپا پنجين، مچل سينٽنر ڇهين، عادل رشيد ستين، پاڪستان جو عماد وسيم ۽ شاداب خان ترتيب وار اٺين ۽ نائين، جڏهن ته ڪين رچرڊسن ڏهين نمبر تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.