ساوا ڌاڻا هاضمي جي نظام ۽ هڏن جي مرضن لاءِ فائديمند قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن ساون ڌاڻن کي هاضمي جي نظام ۽ هڏن جي مرضن لاءِ انتهائي فائديمند قرار ڏنو آهي.

بهرين عذائون کائڻ هر انسان جي زندگي جو لازمي حصو هوندو آهي پر عذا مان ان وقت تائين مزو وٺي سگجي ٿو جيستائين هاضمي جو نظام درست آهي ۽ ها جيڪڏهن خوراڪ ۾ ساون ڌاڻن جو استعمال ڪيو وڃي ته هاضمي جي نظام جي خرابي کان بچي سگهجي ٿو .

هوڏانهن هڏن جا مرض به انسان کي ڏکيائين ۾مبتلا ڪري ڇڏين ٿا، وڌندڙ عمر سان گڏوگڏ انساني جسم جا هڏا به ڪمزور ٿي ويندا آهن پر ساوا ڌاڻا هڏن جي مرض لاءِ به گھڻا فائيديمند ثابت ٿيندا آهن.

طبي ماهرن ساون ڌاڻن کي انساني صحت لاءِ فائديمند قرار ڏنو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ساون ڌاڻا نه رڳو هاضمي جي نظام پر هڏن جي مرضن لاءِ به گھڻا فائديمند آهن ۽ جسم ۾ ڪولسٽرول جي سطح کي وڌڻ کان روڪيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.