نيب جو ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل خلاف ننڍو ريفرنس تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيب مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سميت 11 جوابدارن جي خلاف ننڍو ريفرنس تيار ڪري ورتو.

نيب ڪراچي مفتاح اسماعيل سميت 1 جوابدارن جي خلاف ننڍو ريفرنس تيار ڪري ورتو، ٻين جوابدارن ۾ عثمان حسن، يوسف جميل انصاري ۽ ٻيا شامل آهن.

ذريعن موجب نيب مفتاح اسماعيل کي 30 سوال موڪليا هئا، پر ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل نيب کي هڪ سوال جو جواب به تسلي جوڳو نه ڏئي سگهيو، جڏهن ته مفتاح اسماعيل ايس ايس جي سي ۾ غير قانوني گيس ڪڍڻ وارو ٺيڪو پرائيويٽ ڪمپني کي ڏنو، اِهو ٺيڪو مفتاح اسماعيل ايس ايس جي سي جي چيئرمين جي حيثيت ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.