ڪراچي ۾ تيز رفتار ٽرڪ 3 ڀيڻ ڀائرن کي چيڀاٽي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اختر ڪالوني ڀرسان ٽرڪ 3 ڀيڻ ڀائرن کي چيڀاٽي ڇڏيو.

تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي اختر ڪالوني جي ڀرسان ڪورنگي روڊ تي بي قابو ٽرڪ 2 گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن تي چڙهي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 28 سالن جي ذيشان، 22 سالن جي حسنين ۽ 12 سالن جي سدره جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي گلشن اقبال جي واٽر بورڊ ڪالوني جي رهواسي هئا. ٽنهي جا لاش ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ وارثن جي حوالي ڪيا ويا آحن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.