پب جي شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري

سمارٽ فون ۽ ڪمپيوٽر تي کيڏي ويندڙ مشهور گيم پب جي PUBG نئين اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي.

ملٽي پليئر آن لائين بيٽل گرائونڊز (پب جي) انتظاميا طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته نئين اپ ڊيٽ 8 اڄ سڄي دنيا جي واهپيدارن لاءِ رليز ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ميپ کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

پب جي موبائل گيم 1.0 جي نئين اپ ڊيٽ کي اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪندڙ واهپيدار سولائي سان پلي اسٽور تان ڊائون لوڊ ڪري سگھن ٿا ان کان سواءِ واهپيدار اي پي جي پروفائيلز جي مدد سان به گيم کي اپ ڊيٽ ڪري سگهن ٿا.

انتظاميا طرفان مشهور ميپ ايرانگل کي نئين گرافڪس سان گڏ پيش ڪيو ويو جڏهن ته اسلحو ۽ ايمونيشن سوڌو چير پارڪ کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي.

ان کان سواءِ ليوڪ نالي ميپ کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي.

گيم تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته انتظاميا طرفان ايندڙ هفتي هالي وين انفيڪشن موڊ جي اپ ڊيٽ به جاري ڪئي ويندي.

نئين اپ ڊيٽس جي فائل جي سائيز اينڊرائيڊ سسٽم لاءِ ڏيڍ گيگا بائيٽس (جي بي) جڏهن ته آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ هڪ جي بي آهي.

هوڏانهن ڪمپني طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته گيم کيڏندڙ واهپيدارن جو انگ 20 ڪروڙ کان ٽپي ويو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ 5 ڪروڙ ڀارت مان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.