اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم باظابطا طور متعارف

گوگل پنهنجي نئين موبائل آپريٽنگ سسٽم اينڊرائيڊ 11 کي باضابطا طور تي متعارف ڪرائي ڇڏيو.

اهو آپريٽنگ سسٽم ڪجهه مهينا اڳ بيٽا ورجن ۾ پيش ڪيو ويو هو ۽ هاڻ ان کي سمارٽ فونز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

هن ڀيري رڳو گوگل پڪسل فونز بدران ٻين مختلف ڪمپنين جي فونز ۾ به ان کي ترت اپڊيٽ ڪيو پيو وڃي.

هن ڀيري اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم کي ون پلس، شيائومي، اوپو ۽ ريئل مي فونز (مخصوص ماڊلز ۾) گوگل پڪسل فونز سان اڄ ئي اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي.

اهو نئون آپريٽنگ سسٽم گوگل پڪسل 3,3,2 اي ۽ 4 اي جي واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.

اهڙي طرح ون پلس 8 ۽ 8 پرو جا واهپيدار به ان اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم کي اپ ڊيٽ ڪري سگھن ٿا.

گوگل اها به دعويٰ ڪئي آهي ته وڌيڪ ڀائيوارن طرفان به ايندڙ مهينن ۾ ڊوائيسز ۾ آپريٽنگ سسٽم اپ ڊيٽ ڪيو ويندو.Android 11 system update

 

اينڊرائيڊ 11 ۾ گوگل طرفان ڪيترن ئي نون فيچرن جي واڌ ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ هن ڀيري سسٽم ۾ نون فنڪشنز بدران اڳ جي فنڪشنز کي وڌيڪ سولو بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي.

اينڊرائيڊ 11 ۾ سڀ کان وڏي تبديلي ميسيجنگ ايپس ۾ گروپ نوٽيفڪيشنز جي حوالي سان آهي جڏهن ته فيس بڪ ميسينجر جهڙو ببل انٽرفيس به ميسيجنگ لاءِ ڏنو پيو وڃي.

ان کان سواءِ نوان ميڊيا ڪنٽرولز، هڪ نئون اسڪرين شاٽ انٽرفيس، هڪ سسٽم ليول سمارٽ فون هوم ڪنٽرول مينيو به ڏنو پيو وڃي جڏهن ته واهپيدارن جي پرائيويسي جي تحفظ لاءِ پرميشن سيٽنگز کي وڌيڪ سخت ڪيو پيو وڃي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.