پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪارن جي 50 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٻڏي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تيل جي عالمي اگهن ۽ پرڏيهين جي وڪري سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاهن چاڙهن بعد ٻيهر ٻاڙائپ ظاهر ٿي جنهن سان انڊيڪس 42200 پوائنٽس جي سطح تي ڪري پيو، ٻاڙائپ سبب 48 سيڪڙو شيئرز جا اگهه لهي ويا جڏهن ته سيڙپڪارن جا 50 ارب 16 ڪروڙ 37 لک 22 هزار 138 رپيا ٻڏي ويا.

ماهرن جو چوڻ هو ته ريٽيل انويسٽر جي خريداري وارين سرگرمين سبب واپار ۾ هڪ موقعي تي 234 پوائنٽس جي تيزي به ٿي پر عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ وڪري جي شدت وڌڻ سان مقامي مارڪيٽ ۾ سيڙپ کي ڪڍيو ويو جنهن سان واپار ۾ آيل تيزي هڪ موقعي تي 283 پوائنٽس جي ٻاڙائپ ۾ تبديل ٿي وئي.

پڄاڻي وقت هيٺين اگهن تي ٿيل خريداري سرگرمين جي ڪري ٻاڙائپ جي شدت ۾ گهٽتائي ٿي نتيجو اِهو نڪتو ته واپار جي پڄاڻي تي ڪي اي ايس 100 انڊيڪس 310 ڏهائي 56 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 41985 ڏهائي 19 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.