برسات متاثرن لاءِ اسلام آباد ۾ آواز اٿاريندس پر چڱائي جي اميد ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

 

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي برسات متاثرن لاءِ اسلام آباد ۾ آواز اٿارڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت مان اميد نه هجڻ برابر آهي، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري ميرپورخاص ۾ برسات متاثر علائقن جا دورا ڪيا، جتي جيالن طرفان سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ۽ نعريبازي پڻ ڪئي وئي.

مختلف هنڌن تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان توهان جي وچ ۾ آهيان، عوام سان يڪجهتي ۽ مسئلن جي حل لاءِ آيو آهيان، مان وڏي وزير ۽ آبپاشي واري کي وٺي آيو آهيان ته جيئن توهان جا مسئلا بنا دير حل ٿين.

هن چيو ته پ پ جي سياست عوامي سياست آهي، قومي آفت ۾ توهان کي اڪيلا نه ڇڏيندس، سنڌ ۾ برسات متاثرن لاءِ اسلام آباد ۾ آواز اٿاريندس پر پي ٽي آءِ حڪومت مان اميد نه هجڻ برابر آهي.

سندس چوڻ هو ته اين ڊي ايم اي جو ڪم سڄي ملڪ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ آهي پر ڏکئي وقت ۾ اين ڊي ايم اي رڳو ڪراچي جا 3 نالا صاف ڪري رهي آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته متاثر علائقن جي عوام جي جان ۽ مال سان گڏوگڏ زراعت کي به بچائڻ لاءِ تڪڙن قدمن جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.