ڪي اليڪٽرڪ جي سسٽم تي سائبر حملو، ڊيٽا جي واپسي لاءِ ڀنگ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جي سسٽم تي سائبر ڪرائم حملو ٿيو آهي ۽ هيڪرن آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جا ڪمپيوٽر هيڪ ڪري ورتا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽرن ۾ موجود ڊيٽا هيڪرن طرفان انڪرپٽ ڪئي وئي آهي ۽ ڊيٽا جي واپسي لاءِ هيڪرن ڀنگ جو مطالبو ڪيو آهي.

ذريعن موجب هيڪ ڪيل ڪمپيوٽرن تي ڊارڪ ويب تي رابطي جا پيغام ڇڏيا ويا آهن، سائبر حملي ۾ ڪي اي جا ونڊوز ڪمپيوٽر ۽ بيڪ اپ متاثر ٿيو آهي ۽ هيڪنگ سان انڪرپٽ ڪيل ڊيٽا استعمال جوڳي ناهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڪنگ سبب بئنڪن سان رابطن جو نظام متاثر ٿيو آهي ۽ ڪي اي جي بلنگ جو سسٽم به متاثر ٿيو آهي.

ذريعن موجب هيڪنگ کان محفوظ رکڻ لاءِ خريد ڪيل سافٽ ويئر پڻ هيڪنگ سان متاثر ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.