لطيف کوسا ايان علي جي وڌيڪ وڪالت کان معذرت ڪري ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سردار لطيف کوسا ايان علي ڪيس ۾ وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو.

تفصيل موجب ڪرنسي اسمگلنگ ۾ ملوث ماڊل گرل ايان علي جي وڪيل ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ لطيف کوسا ايان علي کي وڌيڪ وڪالت کان معذرت ڪري ورتي آهي ۽ پنهنجو وڪالت نامو به واپس وٺي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪسٽم اپيل تي ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس غلام اعظم قمبراڻي ڪئي، جنهن تي ايان علي جي وڪيل لطيف کوسا جي جونيئر وڪيل اپيل ڪئي ته ايان علي اشتهاري آهي هو پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي صفائي ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.