”ڇا سنڌ حڪومت کي مقرريءَ لاءِ صوبي مان هڪ به اردو ڳالهائيندڙ نه مليو“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته وزيراعظم کي ڪراچي تي 1100 ارب رپيا لڳائڻا هئا ته چونڊيل مڪاني حڪومت ذريعي لڳائي ها.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته وفاق فيصلو ڪيو ته اتحادي حڪومت بدران ڪرپشن جي تاريخ رکندڙ حڪومت کان ترقي ڪرائيندو، ڪهڙو سبب آهي جو وزيراعظم ڪراچي جي چونڊيل مڪاني حڪومت کي پيڪيج نه ڏنو.

هن چيو پئسا لڳائڻا هئا ته انهن ذريعي لڳايو هو، جيڪي شهر کي ڄاڻين ٿا، مون کي نٿو لڳي ته اهو فيصلو وزيراعظم جو آهي، اميد ته ڪراچي پيڪيج رڳو اعلان تائين محدود نه رهندو پر ان تي عمل به ٿيندو، اسان ان معاملي تي شڪ شبهن جو اظهار نٿا ڪرڻ چاهيون.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ لساني بنيادن تي مقرريون ڪيون ويون، لساني بنيادن تي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ سخت ناانصافي آهي، ڇا سڄي سنڌ ۾ توهان کي هڪ به اردو ڳالهائيندڙ نه مليو؟

ان موقعي تي اڳوڻي ميئر وسيم اختر چيو ته چئن سالن ۾ جيتري سنڌ حڪومت زيادتي ڪئي آهي اها ڪنهن نه ڪئي، حڪومت کان ملندڙ رقم جو حساب ڪتاب ڏئي ڇڏيو آهي.

فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته ميئر اختيار ۽ وسيلا گهريا ته اهو عوام جو حق هو، جعلي اڪثريت سان صوبي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.