سرفراز احمد انگلينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ نه پئي چاهي…!

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد انگلينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ذريعن موجب سرفراز احمد بيٽنگ ڪوچ يونس خان جي سمجهائڻ ۽ مصباح الحق جي خاطري تي ميچ کيڏڻ لاءِ راضي ٿيو.

چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته سرفراز احمد انڪار نه ڪيو هو پر کيس خدشا هئا، جيڪڏهن مان به ان جي جاءِ تي هجان ها ته ائين ئي ڪيان ها.

هن چيو ته سرفراز جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضروت هئي، جيڪي اسان ختم ڪيا ۽ معاملو به ختم ٿي ويو.

مصباح الحق تصديق ڪئي ته سرفراز احمد منهنجي، بابر اعظم ۽ يونس خان جي سمجهائڻ تي ميچ کيڏڻ لاءِ راضي ٿيو هو.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان کي سيريز جي آخري ميچ کيڏائي وڃي ته يقينن ڳڻتي ٿيندي آهي، ڳڻتي سبب سرفراز احمد انتظاميا کي خدشن کان آگاهه ڪيو هو.

چيف سليڪٽر موجب سيريز جي آخري ميچ هجڻ سبب سرفراز دٻاءَ ۾ هو ته جيڪڏهن اوڻويهه ويهه ٿي ويو ته هو ڏکيائين ۾ ڦاسي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.