جماعت اسلامي جو ڪراچي جي حقن لاءِ تحريڪ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪراچي جي حقن لاءِ تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪراچي مفاد پرست سياسي پارٽين جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي.

حافظ نعيم الرحمان نور حق واري اداري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 11 سئو ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، مسئلن جي حل لاءِ بااختياري شهري حڪومت قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ شهر جا سمورا ادارا ان جي ماتحت هجن، لينڊ ڪنٽرول جي نالي تي ڪنٽونمنٽ بورڊ، ڪي پي ٽي ۽ بلديا عظميٰ سميت ٻين ادارن جي ورڇ ختم ڪئي وڃي، سنڌ لوڪل باڊيز ايڪٽ (SLBA) کي رد ڪيون ٿا، ان جي جاءِ تي نئون قانون بڻايو ويندو.

حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته ڪراچي کي ميگا ميٽروپوليٽن سٽي جو درجو ڏنو وڃي، وسيلن جي درست ۽ منصفاڻي ورڇ ۽ ترقياتي ڪمن کي بهتر انداز ۾ ڪرڻ لاءِ درست آدم شماري ڪرائي وڃي، ڪوٽا سسٽم ختم ڪري ميرٽ جو نظام واضح ڪيو وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ کي فوري طور تي قومي تحويل ۾ وٺي 15 سال جو فرانزڪ آڊٽ ڪيو وڃي، جماعت اسلامي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ميدان تي لٿل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.