اميد ته پاڪستان حيدر علي کي نه وڃائيندو

شاهه رخ علي سنديلو

ڪورونا صورتحال ۾ ٺپ ٿيل ڪرڪيٽ سرگرمين جي بحاليءَ جو ڪريڊٽ يقينن ويسٽ انڊيز کي وڃي ٿو، جنهن انگلينڊ جو دورو ڪري پاڪستان کي به دوري لاءِ دل ٻڌرائي.

قومي ٽيم جو انگلينڊ دورو 3 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز تي ٻڌل هو، ٽيسٽ سيريز ۾ ته پاڪستان متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري پر ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ قومي ٽيم بهترين پرفارمنس ڏني ۽ رانديگرن جي ڪاميابي جي بُک نظر آئي.

انگلينڊ خلاف مختصر ترين فارميٽ جي سيريز ۾ پروفيسر محمد حفيظ مختلف انداز ۾ نظر آيو، جنهن ٻنهي اننگز ۾ جارحاڻي راند کيڏندي سيريز 1-1 تان برابر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو ۽ مين آف دي سيريز جو اعزاز پڻ ماڻيو پر اسان هتي ڳالهه ڪنداسين نوجوان بيٽسمين حيدر علي جي، جنهن ڪيريئر پهرين ئي ميچ ۾ ففٽي اسڪور ڪري دنيا جي وڏين وڏين شخصيتن کي پنهنجي تعريف تي مجبور ڪري ڇڏيو.

اٽڪ سان واسطو رکندڙ حيدر علي کي ايڪشن ۾ ڏسڻ لاءِ اڳ ئي سڀ بيچين هئا، ڇو ته هو انڊر 19 ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جي ڏَڍَ تي پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي ۾ جاءِ ٺاهيندي پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪو هو.

حيدر علي پي ايس ايل 2020 ۾ پشاور زلمي طرفان کيڏندي 9 ميچن ۾ هڪ ففٽي ۽ 158 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 239 رنسون ٺاهيون هيون، ايونٽ ۾ هن مجموعي طور 20 چوڪا ۽ 14 ڇڪا هنيا.

جيتوڻيڪ حيدر علي کي انگلينڊ ۾ فقط آخري ٽي 20 ميچ ۾ موقعو ڏنو ويو پر نوجوان بيٽسمين موقعو ملندي ئي اهڙو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو، جيڪو اڄ تائين ڪو پاڪستاني انجام ناهي ڏئي سگهيو.

حيدر علي ٽي 20 فارميٽ ۾ ڊيبيو تي ففٽي اسڪور ڪندڙ پهرين پاڪستاني بيٽسمين جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو آهي.

نوجوان بيٽسمين جي صلاحيتن جي تعريف هر ڪو ان لاءِ به ڪري رهيو آهي، ڇو ته انهن جي خيال ۾ حيدر علي انگلينڊ جهڙي ٽيم خلاف ان جي ئي سرزمين تي جهڙي ريت بنا خوف راند کيڏي، ان تي هو جس لهڻي.

اڳوڻي ويسٽ انڊين فاسٽ بالر اين بشت انڊر 19 ورلڊ ڪپ دوران ئي حيدر علي جي صلاحيتن مان متاثر ٿيندي چيو هو ته جنهن خوبصورتيءَ سان هو ڊرائيو کيڏندو آهي، ان ۾ بابر اعظم جي جهلڪ نظر اچي ٿي، ان ۾ ٽيمپرامنٽ آهي ۽ اميد ته حيدر علي جو انٽرنيشنل ڪيريئر تمام سٺو هوندو.

نوجوان بيٽسمين جي تازي ڪارڪردگي کي ڏسندي اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊين جونز پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مان حيدر علي کي پهريون ڀيرو انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ ڏٺو، هو هڪ اسپيشل ٽئلينٽ آهي، اڄ حيدر علي کي عالمي ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسي خوشي ٿي آهي.

انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر مائيڪل وان نوجوان بيٽسمين جي واکاڻ هن ريت ڪئي آهي ته حيدر علي کي ڏسي لڳو پاڪستان کي هڪ سٺو رانديگر ملي ويو آهي.

انگلينڊ جي دوري ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان موجب حيدر علي جي ڳالهه خاص اها آهي ته هن ۾ سکڻ جو جذبو آهي ۽ دوري دوران نيٽ پريڪٽس ۾ کيس محنت ڪندي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.

اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف به حيدر علي جي ڪارڪردگي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي مان پي ايس ايل دوران ئي چئي ڇڏيو هو ته حيدر علي ٻيو بابر اعظم بڻجي سگهي ٿو.

نوجوان حيدر علي ڀارتي بيٽسمين روهت شرما کي پنهنجو رول ماڊل سمجهي ٿو ۽ پاڪستاني ٽيم ۾ به اهو ئي ڪردار نڀائڻ جو خواهشمند آهي، جيڪو ڀارت لاءِ روهت شرما نڀائيندو آهي.

سندس موجب مان روهت شرما وانگر جارح مزاج ۽ ڪلين هٽنگ ڪندڙ بيٽسمين بڻجڻ چاهيان ٿو، جيڪو ميچ فنش ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي، ڀارتي اوپنر ففٽي کي سينچري ۽ سينچري کي ڊبل سينچري ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف رکندو آهي ۽ هن جي اها صلاحيت گهڻي متاثر ڪندڙ آهي، خواهش آهي ته مان به ان وانگر ڊگهو اسڪور ڪيان.

هتي اها ڳالهه ضرور ڪبي ته حيدر علي انڊر 19، پي ايس ايل ۽ پوءِ انگلينڊ جهڙي ٽيم خلاف پنهنجو ٽئلينٽ ته ڏيکاري چڪو آهي پر هاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي به ڀاڙي ٿو ته اهو هن نوجوان بيٽسمين جي صلاحيتن مان ڪيئن ٿو فائدو کڻي، ڇو ته ان کان اڳ به پاڪستان جا ڪيترائي باصلاحيت ڪرڪيٽر غلط پاليسين يا وري پنهنجي ئي غير ذميوار رويي سبب ڪيريئر وڃائي چڪا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث عمر اڪمل، احمد شهزاد ۽ فواد عالم جي ٽئلينٽ تي ٿيندو آهي.

بورڊ کي گهرجي ته نوجوان بيٽسمينن جي صلاحيتن مان بهتر نموني فائدو وٺڻ سان گڏوگڏ کين ڪرپشن جهڙي ڪڌي عمل کان بچڻ لاءِ به سکيا ڏني وڃي ته جيئن انهن جو ڪيريئر محفوظ رکي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.