بابر اعظم پاور فل ۽ ڪپتان طور فيصلا پاڻ ڪندو آهي: مصباح الحق

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق چيو آهي ته انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز نه کٽڻ جو افسوس آهي.

قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته ٽيسٽ کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز نه کٽڻ جو ڏُک آهي، انگلينڊ جو دورو اهم هو، ڇو ته وڏي وقت کان ڪرڪيٽ بند هئي، ٽيم ۽ ڪوچ طور سيريز هارائڻ جو افسوس رهندو.

هن چيو ته 30 رانديگر تياري بنا انگلينڊ ويا، ان باوجود مجموعي ڪارڪردگي بهتر رهي، غير معمولي صورتحال ۾ دورو ڪرڻ تي عالمي ميڊيا اسان جي ٽيم کي سپورٽنگ چيو، جيڪا هاڪاري شئي آهي.

سندس چوڻ هو ته حيدر علي کي به اسان ئي آندو، بيٽنگ نمبر سبب کيس اڳ ۾ نه کيڏائي سگهياسين، حفيظ پراعتماد نظر آيو ته کيس موقعو ڏنو ويو، ٽي ٽوئنٽي ۾ چيو ويندو آهي ته پاڪستان وٽ فائر پاور ناهي، اسان ٻن ميچن ۾ 190 کان مٿي اسڪور ڪيو، بهتري ڏانهن وڌي رهيا آهيون ۽ آهستي آهستي بهتري ايندي.

مصباح الحق چيو ته ڪوتاهين کي نوٽ ڪري رهيا آهيون، ننڍيون ننڍيون خاميون آهن، جن کي ختم ڪرڻو آهي، نتيجا پنهنجي حق ۾ نه اچڻ تي افسوس ٿيندو آهي.

هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته بابر اعظم پاور فل آهي، ڪپتان طور هو فيصلا پاڻ ڪندو آهي، 2 نوجوان بالرن سان گڏ محمد عامر کي سينيئر طور ميدان ۾ لاٿو ويو، محمد حفيظ، شعيب ملڪ ۽ وهاب رياض جي ڪارڪردگي اهڙي آهي جو اهي ورلڊ ڪپ تائين هلي سگهن ٿا، عمر سان ڪو فرق ناهي پوندو، ورلڊ ڪپ تائين بهترين اسڪواڊ اسان جي سامهون هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.