عائشا عمر تنقيد مان مزو وٺڻ لڳي…!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل عائشا عمر مداحن کي پاڻ تي تنقيد جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته مداح مون کي گهٽ سمجهندا ته به مزو ايندو.

عائشا عمر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير جاري ڪئي، جنهن ۾ لباس تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عائشا عمر پنهنجي تصوير جي ڪيپشن ۾ پاڻ مداحن لاءِ لکيو ته اهي ان تصوير تي مون کي گهٽ سمجهندا ته برو نه لڳندو پر مزو ايندو.

اداڪارا جي تازي تصوير تي سوشل ميڊيا واهپيدار مڇريل آهن ۽ کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

هڪ واهپيدار لکيو ته ٻين انڊسٽرين جي اداڪارائن تي تنقيد ڪندڙ اڳ ۾ پنهنجي اداڪارائن کي ڏسن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.