حادثي طور جج کي بال هڻڻ تي نوواڪ جوڪووچ يو ايس اوپن کان ٻاهر

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ٽينس جي عالمي نمبر هڪ رانديگر نوواڪ جوڪووچ کي يو ايس اوپن ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪيو ويو آهي.

اهو فيصلو نوواڪ جوڪووچ طرفان ۾ اڇلايل بل هڪ لائن جج کي لڳڻ سبب ڪيو ويو.

ميچ جي پهرين سيٽ ۾ اسپين جي رانديگر پابلو ڪاروينو کان پوائنٽ هارائڻ بعد جوڪووچ ڪاوڙ ۾ بال کي شاٽ هڻي ٻاهر ڦٽو ڪيو، جيڪو اتي موجود عورت لائن جج کي ڪنڌ ۾ وڃي لڳو ۽ هوءَ پوئتي ڪِري پئي.

واقعي وقت نوواڪ جوڪووچ ظاهري طور ٻئي پاسي ڏسي رهيو هو.

اهڙي حرڪت تي جيتوڻيڪ نوواڪ جوڪووچ معذرت به ڪئي پر انتظاميا کيس ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته نوواڪ جوڪووچ کي ٽورنامينٽ جو سڀ کان بهترين رانديگر قرار ڏنو پئي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.