”معيشت جي ترقي لاءِ ڪراچي جي انفرا اسٽريڪچر کي بهتر ڪرڻو پوندو“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته معيشت جي ترقي لاءِ ڪراچي جي انفرا اسٽريڪچر کي بهتر بڻائڻ اڻ ٽر آهي.

ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته حڪومت خاطري ڪرائي آهي ته اسان اهڙي ڪا به شئي نه ڏيناسين جو واپار تي ڄاڻي واڻي بار وڌو وڃي ڇو ته هن وقت اسان کي معاشي سرگرميون وڌائڻ جي ضرورت آهي.

هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي لاءِ نوان انسٽرومنٽس آڻي رهيا آهيون.

ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي ڪري ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿيا، معيشت جي ترقي لاءِ ڪراچي جي انفرا اسٽريڪچر کي بهتر ڪرڻو پوندو، ڪراچي کي هڪ هزار ارب کان وڌيڪ جو پيڪيج ان ڪري ڏنو ويو جيئن غريبن جي مدد ڪري سگهجي.

هن چيو ته ڪورونا وائرس سان 5 مهينن جو نقصان ٿيو ان سان اڳتي وڌڻ ۾ به ڪجهه مهينا لڳندا، بيروزگاري ان وقت ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن واپاري برادري سيڙپڪاري ڪري.

ڊاڪٽر حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته حڪومت ڪنسٽرڪشن جي شعبي ۾ ٽيڪسز بلڪل گهٽ ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت جي اقتصادي پاليسيز جي ڪري معاشري ڏهائي بهتر ٿي.

هن تجويز ڏني ته عالمي سطح تي وياج جي شرح گهٽ آهي، قرض وٺڻ جي ضرورت هجي ته عالمي سطح تي وينداسين.

ان کان اڳ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ذريعا آهن. انهن کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته حڪومت جو ڪم سٺيون پاليسيون بڻائڻ ۽ معاشري مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ قاعدن جي پاسداري يقيني بڻائڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.