سنڌ جي وڏي وزير جو عمران خان کي خط، ٻوڏ متاثرن لاءِ مدد جي درخواست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزير اعظم عمران خان کي خط لکي صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد جي درخواست ڪري ڇڏي.

سنڌ جي وڏي وزير خط ۾ وزير اعظم جي ڪراچي جو دورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ٻڌايو ته سنڌ ۾ چوماسي وڏي تباهي مچائي آهي.

سندس چوڻ هو ته تازي مينهن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيل ماڻهن جي لاءِ وفاقي حڪومت کي في ڪس 5 لک رپيا امداد ڏئي.

هن ٻوڏ دوران زخمي ٿيلن کي به 2 لک رپيا في ڪس امداد ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

خط ۾ سنڌ جي وڏي وزير ريليف ڊپارٽمنٽ طرفان سڄي صوبي ۾ ٿيل تباهين جي تفصيل به سلهاڙي ڇڏي آهي.

ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته 10 هزار ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن.

هن ٻڌايو ته تازي مينهن جي ڪري آيل ٻوڏ سبب سڄي صوبي ۾ 77 هزار گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا جڏهن ته هڪ لک 37 هزار کي جزوي نقصان رسيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ٻوڏ جي تباهين جي ڪري سڄي صوبي ۾ 23 هزار ماڻهن جي ريليف ڪيمپن ۾ پناهه ورتل آهي.

وڏي وزير وزير اعظم کان نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ذريعي فوري ريليف سرگرميون شروع ڪرائڻ جي درخواست به ڪئي.

هن ٻڌايو ته هن وقت تائين صوبي ۾ مينهن ۽ ٻوڏ سبب 136 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت مستقبل ۾ ٻوڏ کان بچاءَ جي لاءِ منصوبي تي عملدرآمد ۾ به سنڌ حڪومت جي مدد ڪري.

هن ٻڌايو ته ان منصوبي جي لاءِ سنڌ حڪومت کي 43 ارب رپيا گهربل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.