شوبز شخصيتن جو به يوم دفاع تي وطن سان محبت جو اظهار

پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ شخصيتن به يوم دفاع جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قوم پنهنجي دفاع کان غافل نٿي رهي سگھي.

گلوڪارا حميرا ارشد يو دفاع تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر 1965 تي جيڪو جذبو هو انهيءَ جذبي جي اڄ قوم کي ضرورت آهي.

هن چيو ته پاڪستان بزرگن جي قربانين سان حاصل ٿيو، مائرن ملڪ لاءِ پنهنجا لال قربان ڪيا.

فلمساز ريما پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪا به قوم پنهنجي دفاع کان غافل نٿي رهي سگھي.

ريما جو چوڻ هو ته اسان جي ملڪ جون مائرون پنهنجا پٽ پاڪ فوج ۾ موڪلي وطن تي قربان ڪري ڇڏينديون آهن، قوم کي اهڙين مائرن تي فخر ڪرڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.