ڪراچي پيڪيج لاءِ وفاق جي فنڊنگ ڪيتري آ؟ اسد عمر ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي پيڪيج بابت پ پ چيئرمين جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته  شهر لاءِ اعلانيل 1113 ارب رپين جي پيڪيج لاءِ 62 سيڪڙو فنڊنگ وفاقي حڪومت ۽ 38 سيڪڙو سنڌ حڪومت فراهم ڪندي.

ڪراچي ۾ وفاقي وزير علي زيدي سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي جا سمورا اختيار هڪ اداري وٽ ناهن ۽ ورهايل آهن، تنهن ڪري فيصلي سازي ناهي ٿي سگهندي ۽ ڪم ۾ رنڊڪ ايندي آهي، ڪراچي بابت هن تاريخي پيڪيج تي ڪم ڪرڻ لاءِ سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته سڀ پنهنجي سياست الڳ رکن ۽ عوام جي خدمت لاءِ هڪ پليٽ فارم تي اچي ڪم ڪن.

هن ٻڌايو ته ميٽنگ ۾ ڪجهه منصوبن کانسواءِ سڀني تي اتفاق ٿيو، وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون، سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ حقيقتن جي ابتڙ نه ٻڌايو وڃي.

اسد عمر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کي غلط قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي پيڪيج جي منصوبن ۾ 62 سيڪڙو فنڊنگ وفاق ۽ 38 سيڪڙو سنڌ جي آهي، سيد مراد علي شاهه هاڪاري انداز ۾ هلي رهيو آهي، اميد ته سندس قيادت به هاڪاري رهندي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير جي چوڻ تي طئي ڪيو ويو ته اعلان ۾ نه ٻڌايو ويندو ته پيڪيج ۾ ڪنهن جو ڪيترو حصو آهي، مراد علي شاهه چيو هو ته اهو بحث نه شروع ٿي وڃي ته وفاق وڌيڪ خرچ ڪري رهيو آهي، اسان ته ان تي قائم رهياسين پر اجلاس مان اٿندي ئي بلاول جي ويڊيو ڪلپ سامهون اچي وئي، مراد علي شاهه جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، اها پارٽي چيئرمين کي به چئي ڇڏي ها ته بهتر هجي ها.

هن چيو ته اسان جيڪا ڳالهه ڪمري ۾ ڪندا آهيون اها ئي سڀني جي سامهون ڪندا آهيون، منصوبن جي فهرست ۽ ذميواريون رکيون ويون هيون، سڄي پاڪستان مان پيغام اچي رهيا آهن ته ڪراچي لاءِ ڪجهه ڪيو، ڪاميابي تڏهن ئي ملندي جڏهن رياستي ادارا، وفاق ۽ صوبائي حڪومت اتفاق ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.