متبادل رهائش جي انتظام بنا ڪنهن جو گهر نه ڊاهينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪندي چيو آهي ته متبادل رهائش جي انتظام بنا نالن جي ڀرپاسي رهندڙن کي بي گهر نه ڪنداسين.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي سينٽرل ۽ اولهه ضلعي ۾ برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ نارٿ ناظم آباد ڪي ڊي اي چورنگي وٽ جيالن طرفان سندس مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو ويو.

ان موقعي تي راشد رباني، وقار مهدي، شاهده رحماني، ظفر صديقي، دل محمد، علي محمد ۽ ٻيا به پ پ چيئرمين سان گڏ هئا.

ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻ جيالا شهر هلائيندا ۽ شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪنداسين، شهر تي دهشتگردي سان راڄ ڪندڙن جو دور هاڻ ختم ٿي چڪو، هاڻ شهر جي ترقي تي ڪم ٿيندو.

هن چيو ته 100 سالن کانپوءِ وڏي برسات ٿي ۽ وڏي انگ ۾ شهري متاثر ٿيا، برسات سان جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا، انهن جو خيال رکڻو پوندو، نالن کي صاف ڪنداسين پر انصاف به ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته پ پ اها اڪيلي عوامي حڪومت آهي، جيڪا عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي، نالن جي صفائي دوران ڪنهن جو گهر نه ڊاٿو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن جو گهر ڊاهينداسين ته اڳ ۾ متبادل رهائش فراهم ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.