ڪيامياڙي آئل ٽرمينل ۾ باهه لڳڻ سبب زخمي ٿيل 2 ڄڻا فوت، انگ 4 ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪياماڙي آئل ٽرمينل ۾ لڳل باهه سبب سڙي زخمي ٿيل ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 4 ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ زخمي سول برنس آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ آهي.

خيال رهي ته گذريل ڏينهن دوران ڪراچي جي ڪياماڙي آئل ٽرمينل تي باهه لڳڻ سبب 2 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا ۽ چار ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.