مقامي نظام به عام ماڻهن کي فائدو نه ڏنو |تحرير: حسيب لطيفي

بلدياتي چونڊن کانپوءِ عام ماڻهن ۾ اها اميد جاڳي پئي هئي ته مڪاني سطح تي چونڊيل نمائندا سندن علائقن جا بنيادي مسئلا حل ڪندا، پر 5 سالن جو عرصو گذرڻ باوجود حيدرآباد ضلعي اندر عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن جا مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌيا، هر مهيني ملندڙ فنڊن کي هڙپ ڪيو ويو، ايندڙ پيسو عام ماڻهن کي سهولتون نه ڏئي سگھيو. هاڻي ته بلدياتي نمائندن جو مدو به پورو ٿي ويو، حيدرآباد ضلعي جا چونڊيل بلدياتي نمائيندا عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهيا، شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، شهري ۽ ٻهراڙي جا اڪثر ڳوٺ اڃا تائين بنيادي سهولتن کان مڪمل طور تي محروم بڻيل آهن.

تازو ملڪ ۾ ايندڙ ڪورنا وبا جي ڪري جتي سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو نافذ هيو ۽ غريب مسڪين ماڻهو مزدوري نه هجڻ ڪري پنهنجن گهرن ۾ بند رهجي ويا، پر اسان جا اسيمبلين ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن توڙي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن انهن غريب مسڪين ماڻهن جي ڪابه سار نه لڌي، ماڻهن کي هڪ هڪ صابڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڏئي سگهيا، جيڪو راشن ڏنو به ويو اهو به  هڪ ويلي جو مس هيو، بهرحال سنڌ جي ماڻهن جيئن تيئن واري چوڻي وانگر زندگي کي گذاريو پئي ۽ بکن ۾ پاهه ٿيندي به ڪنهن کي ڪا ميار نه ڏني، ڪرونا دوران عيدون به آيون، ماڻهن عيدون تمام گهڻي سادگي ۾ گذاريون،

ڪرونا جو زور ويو ٽٽي ته ماڻهن مس ساهه کنيو، مزدورن کي مزدوري ملڻ شروع ٿي، ماڻهن جا ڌنڌا ۽ روزگار اڃا مس شروع ئي ٿيا ته مٿان وري قدرتي آفت جيڪا برسات جي شڪل ۾ اچي پهتي، هاڻوڪي پوندڙ برساتن دوران ٿيل تباهي هن نظام بابت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، بلدياتي چونڊن کان اڳ ٿيل تڪبندين ۾ حيدرآباد ضلعي کي ميونسپل ڪارپوريشن، ٻن ميونسپل ڪميٽين ۽ هڪ ٽائون ڪميٽي ۾ ورهايو ويو هو، جنهن ۾ لطيف آباد ۽ سٽي واري علائقي کي پاڻ ۾ ملائي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو، قاسم آباد کي ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد، حيدرآباد جي ٻهراڙي تي ٻڌل علائقن کي ضلعي ڪائونسل حيدرآباد، ٽنڊوڄام شهر کي ٽنڊوڄام ميونسپل ڪميٽي جو درجو ڏنو ويو، اهڙي طرح هوسڙي ۽ لطيف آباد سان ملندڙ ڪجهه ڳوٺن ۽ علائقن کي گڏائي ٽائون ڪميٽي هوسڙي جوڙي وئي. حيدرآباد ضلعي اندر بلدياتي چونڊن ۾ ٻن ميونسپل ڪميٽين، ضلعي ڪائونسل ۽ ٽائون ڪميٽي تي پيپلزپارٽي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آيا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم صرف ميونسپل ڪارپوريشن تي ڪامياب ٿي، جتي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر به ايم ڪيو ايم جا چونڊيا ويا. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن تي ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ميئر سيد طيب حسين ۽ ڊپٽي ميئر سيد سهيل محمود مشهدي چونڊجي آيا هئا، اهڙي طرح ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي چيئرمين جي سيٽ تي پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ بدر احمد ميمڻ ۽ وائيس چيئرمين بلال لغاري کي چونڊيو ويو هو، ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد تي چيئرمين جي لاءِ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ موجوده ايم پي اي ڄام خان شورو جو ڀاءُ ڪاشف علي شورو ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي محمد اقبال سومرو چونڊجي آيو، ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو ڄام تي پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ مير خان محمد ٽالپر ۽ وائيس چيئرمين لياقت ڪليري کي چونڊيو ويو هو، اهڙي طرح ٽائون ڪميٽي هوسڙي تي پڻ پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا هئا، جن ۾ چيئرمين غلام مرتضيٰ شورو ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي محمد يوسف چونڊجي آيو هو. مجموعي طور تي لطيف آباد ۽ سٽي وارن علائقن تي ٻڌل حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ايم ڪيو ايم جي حوالي ٿي ۽ باقي ٻن ميونسپل ڪميٽين ۽ هڪ ٽائون ڪميٽي سميت ضلعي ڪائونسل حيدرآباد پيپلز پارٽي جي حوالي رهيو.

حيدرآباد ضلعي جي ميونسپل ڪارپوريشن، ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽي کي هر سال سنڌ حڪومت پاران ترقياتي ڪمن توڙي ٻين عوامي ڀلائي وارن پروگرامن جي لاءِ فنڊ پڻ جاري ٿيندا رهيا، پر چونڊيل بلدياتي نمائندا فنڊن کي ناڪافي قرار ڏيندا رهيا، ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ بلدياتي نمائندا ته فنڊن ۽ اختيارن جون رڙيون ڪندا رهيا، هو پنهنجو پاڻ کي بي اختيار نمائندا سڏائيندا هئا، پر هنن پنهنجو مدو به رڙيون ڪندي ڪندي پورو ڪيو.

رڳو پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ نمائندن جون فنڊن ۽ اختيارن بابت دانهون نه هيون، پر انهن علائقن جو عوام علائقن اندر ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جون دانهون ڪندو رهيو. پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ يونين ڪائونسلن، وارڊن، ٽائون، ميونسپل ڪميٽي ۽ ضلعي ڪائونسل جي چونڊيل نمائندن پاران پنهنجن علائقن جي ڪجهه ڳوٺن ۽ شهري علائقن ۾ ننڍيون ننڍيون ترقياتي اسڪيمون آنديون ويون هيون، پر مسئلا گهڻا هجڻ ۽ ڳوٺاڻي سطح تي سموريون بنيادي سهولتون ڏيڻ انهن چونڊيل بلدياتي نمائندن جي اوليت نه رهي، چونڊيل نمائندا رڳو پنهنجون گاڏيون مٽائيندا رهيا، پلاٽ خريد ڪندا ۽ ڪک پتي مان  لک پتي ٿيندا رهيا، پر جن ماڻهن جي لاءِ هي نظام آندو ويو، اهي ان سڄي عرصي ۾ دانهون ڪندا رهيا، انهن جا مسئلا حل نه ٿيا. ڳوٺن ۾ روڊ پڪا ته پري جي ڳالهه پر رستن تي مٽي نه به وجهرائي وئي، چيئرمين ڪوڙا بل ٺاهي پيسا هڙپ ڪندا رهيا. هاڻ وري چونڊن جا چوٻول هلي رهيا آهن، اسان جي پيپلز پارٽي کي گذارش آهي ته اهي مقامي نظام ۾ اهڙن ماڻهن کي چونڊرائين جيڪي واقعي حقيقي عوامي نمائندا هجن، سفارش تي آيل نمائندا ڪرپشن جي ورچڙهي پيسا هڙپ ڪندا رهن ٿا، عوام جي ڀلائي لاءِ انهن وٽ ڪو به پروگرام ناهي، علائقن جي ماڻهن جي حمايت سان ئي نوان نمائندا چونڊڻ جي سخت ضروت آهي.

تحرير: حسيب لطيفي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.