ماکي جي مک جو زهر ڇاتي جي ڪينسر کان بچائڻ ۾ مددگار

پرٿ (ويب ڊيسڪ) اسان کي خبر آهي ته ماکي ۾ شفا جا خزانا لڪيل آهن ۽ هاڻ اها خبر به خوشي واري آهي ته ماکي جي مک جي زهر ۾ ڪينسر جي سيلز  کي تباهه ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت دريافت ٿي آهي.

آسٽريليا ۾ هيري پارڪنس انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل رسرچ جي ڪيارا ڊفي گذريل ڪيترن ئي ورهين کان ماکي جي مک جي زهر تي غور ڪري رهي آهي، ان زهر ۾ موجود هڪ مرڪب جنهن کي ميليٽن چيو ويندو آهي جيڪو ڇاتي جي ڪينسر کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.

ڊاڪٽر ڪيارا ۽ سندس ساٿين ٽرپل گيگيٽو، ايڇ اي آر ٽو بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين قسمن جي ڇاتي جي ڪينسر جي سيلز تي ماکي جي مک جي زهر جا مرڪب آزمايا ويا آهن، هوءَ چوي ٿي ته ڪجهه صورتن ۾ ماکي جي مک جي زهر 100 سيڪڙو ڪينسر جي سيلز کي تباهه ڪري ڏيکاريو جيڪا هڪ اهم ڪاميابي آهي.

سائنسدانن نوٽ ڪيو ته ميليٽن ڪينسر سيل کي هٿي ڏيندڙ سنگلنگ رستن کي رڳو 20 منٽن ۾ بند ڪري ڇڏيو. ان مان ظاهر  ٿيو آهي ته مک جو زهر فوري طور تي ڇاتي جي ڪينسر کي روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

ماهرن نوٽ ڪيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي خطرناڪ ترين ڪيفيت، ٽرپل نيگيٽو بريسٽ ڪينسر کي خاص طور تي روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پر ان جي طريقه عمل کي سمجهڻ ۾ اڃا ڪجه وقت لڳندو. شروعاتي طور تي خبر آهي ته اهو ڪينسر پکڙجڻ جي رستن کي بند ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح خلين جو ورهاڱو ۽ واڌ بيهجي وڃي ٿي.

ان کان پوءِ ماهرن ميليٽن جي هٿرادو مشق ڪئي ۽ ان کي ڪينسر جي سيلز تي آزمايو ۽ حيران رهجي ويا ته ان اصلي مرڪب جهڙي صلاحيت  ڏيکاري.

هڪ ٻي تحقيق ۾ ميليٽن کي سيلز جي ڀت کي پنڪچر ٿيندي ڏٺو ويو جنهن مان خبر پئي ته ان کي ڪينسر جي رائج طريقن جهڙوڪ ڪيموٿيراپي سان گڏ استعمال ڪري سگھجي ٿو ۽ وڏي کان وڏي قسم جي ڪينسر جو علاج ڪري سگھجي ٿو.

ٻين مرحلي ۾ ميليٽن کي ڪيموٿيراپي جي دوا ڊوسي ٽِڪسل ۾ گڏائي ڪينسر ۾ مبتلا ڪوئي تي آزمايو ويو ته ڪينسر ۾ گھٽتائي آئي ۽ ان جا سائيڊ افيڪٽس به نه هجڻ جي برابر هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.