نوجوانن لاءِ روزگار جا دروزا ڇو بند آهن؟ | يوسف جميل لغاري

بيشڪ انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسين اتان جا رهواسي آهيون جتي صدين کان وٺي، ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جو سلسلو هلندڙ آهي. رڳو  ايترو نه پر هتي هر هڪ باصلاحيت، تخليقڪار ۽ فني مهارتن سان سرشار فرد کي اڳتي آڻڻ بدران پوئتي ڌڪيو ويندو آهي. جنهن سبب موٽ ۾ نوجوان طبقي ۾ مايوسي پنهنجا پير مضبوط ڪيا ۽ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هتان جو باصلاحيت ۽ تخليقڪار نوجوان پنهنجي بهتر مستقبل بابت ڳڻتي جي ڳاراڻي ۾ ڳري رهيو آهي. جنهن جو منفي اثر اُنهي نوجوان جي گهر، والدين، معاشري ۽ ان جي ڀرپاسي واري ماحول تي پئجي رهيو آهي.

قدرت واري هر هڪ انسان جي اندر صلاحيتون رکيون آهن. انسان هجڻ سان گڏ فڪر واري معراج تائين پهچڻ لاءِ کيس عقل جهڙي نعمت سان نوازيو ويو آهي، ته جئين اُن جي بهتر استعمال سان هو پنهنجي اندر موجود صلاحيتن جو اندازو لڳائي ۽ انهن کي سنوارڻ ۾ لڳي وڃي. انسان جون فطري صلاحيتون انساني زندگي کي پُرسڪَون بنائڻ ۾ ڪامياب ڪنديون آهن جڏهن ته  صلاحيتن جو غلط استعمال انساني شخصيت کي تباھ ڪري ڇڏيندو آهي. حضرت انسان کي اِهو شرف حاصل آهي ته هو بهتر لاڳاپا قائم ڪري انسانيت جي بهتري لاءِ راهون هموار ڪري سگهي ٿو.

هاڻ ڄاڻڻو اهو آهي ته اِهڙي صورتحال باوجود آخرڪار اِھڙي ڪهڙي قوت آهي جيڪا اڄ جي نوجوان کي اڳتي وڌڻ واري رستي ۾  رنڊڪ پيدا ڪري ٿي. جديد دور ۾ پساھ کڻندڙ ۽ جئيندڙ اڄ جي نوجوان ۾ بنيادي طور تي ٽن جي شديد کوٽ آهي جنهن سبب کيس ناڪامين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ صلاحيتن جي هوندي به کيس پريشان حالي جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو. پهرين نمبر تي سنجيدگي جي کوٽ، ٻي نمبر تي مستقل مزاجي جي کوٽ، ٽي نمبر تي اعتماد جي کوٽ. هنن بنيادي فطري جوهرن جي نه هجڻ سبب يا بنھ گهٽ مقدار ۾ هجڻ سبب اڄ جو نوجوان بيروزگاري جهڙي بلا سان منهن ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي سنهري مستقبل بابت پريشان آهي. اسان وٽ روز مرھ جي شين کان وٺي ڪري معمول جي ڪمن ڪارن تائين هر هڪ قول ۽ عمل سنجيده رويو طلبي ٿو. انسان جو ورتاءُ غيرسنجيده هجڻ سبب اسان گهڻو ڪجھ هٿن مان وڃائي ويهي ٿا رهون يا وري مورڳو هٿن ۾ ڪنهن شئي جي هجڻ جي باوجود به انهي تي بي اختيار ٿي ٿا وڃون. انهي غيرسنجيدگي سبب ڪڏهن اسان جي ويجهن مٽن مائٽن وٽ اسان بابت گمنان پيدا ٿيڻ لڳندا آهن ته وري ڪڏهن رت جي رشتن ۾ ڏار به پوڻ شروع ٿيندا آهن. اسان انهن سڀني معاملن کان باخبر هجڻ جي باوجود به بي خبر هجڻ جهڙو رد عمل ڏيندا آهيون. جنهن جي موٽ ۾ وري سامهون وارن وٽ اهو خيال جنم وٺندو آهي ته شايد اسان انهن کي اهميت ڏيڻ ئي پسند ڪونه ٿا ڪريون. اِهڙي ريت ننڍي کان ننڍو مسئلو وقت سان گڏ وڌي ڪري پيچيده ٿي ويندو آهي.

انهي کانپوءِ اسان جي ناڪامين جي پويان اسان طرفان مستقل مزاجي جي نه هجڻ جو سبب هوندو آهي. اسان وٽ اسڪول ۾ پڙهندڙ اُڀم ٻار کان وٺي ڪري وڏي ۾ وڏي درسگاھ ۾ پڙهندڙ ٻالڪ تائين ۾ مستقل مزاجي جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي وئي آهي. هر فرد اِهو چاهي ٿو ته کيس زندگي ۾ گهڻي کان گهڻيون ڪاميابيون ۽ پُرمسرت گهڙيون نصيب ٿين. سندس رهڻي ڪهڻي پرسڪون ۽ لطف اندوز نموني واري هجي. پر ڪو به فرد انهي ڳالھ تي سوچي نه ٿو ته زندگي ڪڏهن به آسان ڪونه هوندي آهي.  انسان پنهنجي عقل، فهم ۽ دانش سان انهي کي آسان بڻائيندو آهي. جيڪڏهن زندگي گهارڻ ايترو ئي سولو هجي ته پوءِ قدرت وارو انسان کي عقل قطعي به عطا ڪونه ڪري ها. سندس لاءِ سڀئي سهولتون هتي ميسر ڪري کيس سڪون سان رهڻ جي تلقين ڪري ها. ائين ئي وري انساني شخصيت کي اعليٰ درجي تي پهچائڻ جو ڪم وري خود اعتمادي ڪندي آهي. خود اعتمادي جي ڪمي انساني عقل کي اوڏاهي وانگر کائي ويندو آهي ۽ انسان خالي کوپڙي سان عمر گذاري موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي.

خود اعتمادي وارو جذبو ئي انساني معراج تي پهچڻ جو واحد وسيلو آهي. اڄ تائين جن به ماڻهن هن دنيا تي حڪمراني ڪئي آهي يا انهن پنهنجي صلاحيتن سان ٻين تي پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. انهن ۾ خود اعتماد اعليٰ درجي جي هئي. انهن ماڻهن نه صرف پنهنجي پاڻ تي اعتماد ڪيو پر پنهنجي ڪوششن سان هزارين ٻين ماڻهن ۾ به خود اعتمادي وارو عنصر بحال ڪيو ۽ انهن ۾ اُتساھ پيدا ڪيو ۽ کين اڳتي آڻڻ جو ڪردار پڻ ادا ڪيو. اهڙن ئي عظيم فردن جي حوالن سان تاريخ ڀري پئي آهي. اَن لاءِ جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ۽ هن دنيا ۾ پاڻ مڃائڻو آهي ته سنجيدگي سان مستقل مزاج ٿي ڪري پنهنجي پاڻ تي اعتبار ڪرڻو پوندو تڏهن ئي سُک، سلامتي ۽ سڪون اسان جو مقدر ٿيندي.

تحرير: يوسف جميل لغاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.