برسات، پورھيتن کي بي گھر ڪري ڇڏيو | عاجز انور لاشاري

عاجز انور لاشاري

سنڌ ۾ مقامي نظام ختم ٿي ويو، شھرن ۽ يوسين جا چيئرمين ھاڻ گھر ڀيڙا ٿي ويا آھن، پر ھاڻ قدرتي آفتن ۽ شامتن کي منھن ڏيندڙ پنھنجي مدد پاڻ تحت عوام اڳ ۽ اڄ فقط ڀوڳيندي نظر اچي ٿي، جيتوڻيڪ تلھار شھر ۾ اڳ کان وٺي اڄ تائين ڊرينيج سسٽم خراب حالت ۾ موجود ملي ٿو، سيوريج سسٽم جو جيڪڏھن ڪم ڪرائجي ھا ته اڄ تلھار جي عوام اھڙي ريت به ازيتون ڪين ڀوڳي ھا، رڳو تلھار ئي نه بلڪي اڄ پوري سنڌ جي شھرن ۾ حالت پيچده آھي، شھرن ۾ روڊ ۽ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، تلھار ۾ به ساڳيو ئي سور روئڻو پيو پوي، ڇاڪاڻ جو تلھار ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪاره ھجڻ ڪري شھر جا سمورا وارڊ متاثر ٿي ويا آھن، اندروني گھٽيون جتي برسات جو ٽي فٽ پاڻي بيٺل گٽر نالن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ بعد ڪٿان ڪو نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري اھو گٽر جو گندو پاڻي وارڊن ۾ موجود گھرن ۾ داخل ٿيڻ ڪري ڪيترائي گھرڀاتي پنھنجي گھرن مان به بي گھر ٿي ويا آھن.

تلھار اسٽيشن روڊ مڪمل طرح سان پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، اھو ان ڪري جو اسٽيشن روڊ کان گٽر نالو سينيما روڊ کان ڪراس ٿي جت محلي جي ڊرينيج سان وڃي ملندو ھو، پر بدقسمتي سان اھو گٽر نالو ۽ ڊرينيج پڻ هڪ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ وٽ بند ڪرائي ختم ڪرايو ويو، جتي اڄ ڪيترائي دڪان پڻ ٺھي ويا آھن، اھڙي ريت تلھار جي فاروق اعظم چوڪ کان نڪرندڙ چارئي طرف ڏانھن ويندڙ روڊ مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، ھاءِ اسڪول روڊ، سينيما روڊ ۽ ٻيون اندروني گھٽيون جتي ماڻھن جي اچ وڃ پڻ متاثر ٿي پئي آھي، وارڊ 5 ۽ 6 ۾ کٽي محلي جون به گھٽيون گذريل دور کان وٺي ختم ٿيندڙ چيئرميني دور ۾ به نه ٺھي سگھيون، اتي جا رھواسي پڻ شديد مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن.

چيئرميني نظام ختم ٿيڻ بعد گذريل ڏينھن ۾ وسندڙ برسات ۾ حد جو ايم پي اي مير الھه بخش ٽالپر، پ پ تعلقي صدر نياز محمد لاشاري، پير محفوظ شاهه قادري، منتظر عباس رضوي، نظير دلواڻي، پ پ ليڊيز ونگ تعلقي اڳواڻ زاھدا ڪنڀار، محمد رحيم ماڇي ۽ ٻين ساڻ گڏجي ٽائون ڪميٽي تلھار پھتا، جتي شھرين مختلف وارڊن جي ماڻھن پھچي شڪايتن جا داستان کولي ڇڏيا، ماڻھن جو چوڻ ھو ته چيئرمينن جي دور ۾ تلھار ۾ مير شاھد رڳو منپسند ماڻھن جا ڪم ڪرايا، ڪميشن عيوض ترقياتي ڪمن جي غلط رٿابندي سبب اندروني ٽڪرن ٽڪرن ۾ گھٽيون ٺھرائي، سڄي شھر سان ناانصافي ڪئي اڄ شھر ۾ ترقياتي ڪم ته نه پيا ڏسجن، پر سڄو شھر پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي چڪو آھي، جيڪو چيئرمين جي نااھلي ناقص پاليسي جو پختو ثبوت آھي، شھرين وڌيڪ هي به شڪايتون ڪيون ته چيئرمين جي سوشل ميڊيا تي چند ماڻهن واهه واهه ڪرڻ ۾ پورا آهن اھي شھر جا خيرخواهه نه پر چيئرمينن جي دور ۾ فائدو حاصل ڪندا رهندا هئا.

صوبائي حڪومت بلدياتي نظام ان نيت سان لاڳو ڪيو هو ته ان سان عوام جي ڀلائي ٿيندي ماڻهن جا مسئلا سندن در تي ئي حل ٿي ويندا، وڏي عرصي تائين چيئرمينن کي وڏي رقم جاري ٿيندي رهي ته جيئن هو عوام جا مسئلا حل ڪرائي سگهن، پر مورڳو هي نظام تي عوام لاءِ عذاب بڻجي ويو، ايم پي اي  ۽ ايم اين اي کان فنڊ وٺي چيئرمينن جي حوالي ڪيا ويندا هئا، هاڻي ٿيو اهو ته ايم پي اي چوندو هو ته توهان جي يوسي جا فنڊ جاري ٿيا آهن، چيئرمين کان ڪم وٺو ۽ چيئرمين وري سڄو ڏينهن پيو ڪرپشن ڪرڻ جا نوان نوان گس ڳوليندو رهيو. وچ ۾ پيسبو عوام رهيو ۽ ان ڪرپشن واري ڊوڙ جي دز ۾ تلهار به اچي ويو، وڏا فنڊ اچڻ جي باوجود تلهار ۾ ڊرينيج جو نظام نه ٺهي سگهيو ۽ برساتن دوران عوام کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. تلهار ۾ پيل مسلسل برساتن کان پوءِ خاص طور تي اهي ماڻهن جا ڪچا گهر ٺهيل هئا، اهي ڪري پيا آهن ۽ ماڻهو بي گهر ٿي روڊن تي اچي ويا آهن، جن جي حالت کي ڏسي رحم ٿو اچي، تلهار جي تڪليف ۾ مبتلا ماڻهن کي واهر جي ضرورت آهي. تلهار مان برساتي پاڻي ڪڍرائي عوام کي پريشاني کان بچايو وڃي.

تحرير:عاجز انور لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.