برساتي پاڻي ۽ بيوس بڻيل ماڻهو

امتياز چانڊيو

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ برسات جون تباهڪاريون جاري آهن، هن سال ايتري برسات وسي آهي، جيڪا شايد ماڻهن جي اندازي کان به وڌيڪ آهي، سرڪار جو چوڻ آهي ته هيلوڪين برساتن 89 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، گرمي جي ستايل ماڻهن جن جولاءِ مهيني ۾ پئي برساتن لاءِ دعائون گهريون، اهي هاڻ موسميات کاتي جي برسات جي اڳڪٿي جي اعلان ٻڌڻ شرط ئي خوف ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، برسات خاص طور تي لاڙ وارن ضلعن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، ماڻهو سخت پريشان آهن، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي ته هن سال برساتن ايترو ته متاثر ڪيو آهي، جو حڪومتي سموري مشينري جي زور ڏيڻ جي باوجود ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال نٿو ٿي سگهي، ڊفينس ۽ ڊي ايڇ اي جهڙا ماڊل علائقا به پاڻي ۾ ٻڏي ويا، حالت ان حد تائين خراب ٿي وئي آهي جو ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سمنڊ اٿلي پيو هجي، بهرحال شهري آبادي هجڻ ڪري اتي حڪومتي مشينري تڪڙي سرگرم ٿي وڃي ٿي ۽ برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ٿو.

هتي ڳالهه ڪبي برسات کان پوءِ سنڌ جي انهن علائقن جي جيڪي اڃا تائين ڪچين آبادين تي مشتمل آهن، جن سان سدائين وقت جي حڪمرانن ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي، نه رستا، نه پاڻي جي نيڪال وارو نظام، نه گيس جي سهولت، نه پيئڻ جي پاڻي جي سهولت، چلهه ٻري ته اها به ڪاٺين ۽ ڇيڻن جي باهه تي، حيدرآباد جي لطيف آباد تعلقي جي ٻهراڙي ۽ حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جا سمورا ڳوٺ ۽ ننڍا ننڍا شهر هن وقت برساتي پاڻي جي مڪمل گهيري هيٺ آهن، ماڻهن جي گهرن جي چوڌاري پاڻي جا تلاءَ بيٺل آهن، صورتحال اهڙي آهي جو ڄڻ اهي علائقا ڪنهن ٻيٽ تي قائم هجڻ وارو ڏيک ڏئي رهيا آهن، حيدرآباد جي سون جي تعداد ۾ مسڪين ماڻهن جا ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، انهن جي واهر نه ٿيڻ ڪري ماڻهن کي سيڌي سامان وٺڻ لاءِ دڪانن تائين پهچڻ ۾ به سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته ان کي اسپتال تائين پهچائڻ به وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي.

بيوس بڻيل مسڪين ماڻهن جي ڳوٺن جي مسجدن، اسڪولن، گهرن ۽ رستن ۾ برساتي پاڻي بيهي ويو آهي، پر مشڪل ۾ ڦاٿل ماڻهن جي واهر نه ڪئي وئي آهي، برساتن پوڻ شرط ئي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، مجبور ٿي ماڻهن پنهنجا گهر ڇڏي ڏنا آهن، گهرن ۾ پيل سامان برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، جنهن ڪري ماڻهن جو وڏو نقصان ٿيو آهي. چونڊيل نمائندن مسڪين ماڻهن جي آبادين کي نه سنڀاليو ۽ رستن کي پڪو ته نه ڪرايو، پر رستن تي مٽي ئي نه ڀرائي سگهيا ته جيئن برسات دوران ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري سگهن، جنهن ڪري حيدرآباد جي لطيف آباد، قاسم آباد ۽ تعلقي ٻهراڙي جي ڪچين آبادين جا ماڻهو سخت تڪليفن ۾ آهن، حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، پر ماڻهن جي مدد نٿي ڪئي وڃي.

هاڻي سنڌ حڪومت حيدرآباد کي آفت سٽيل قرار ته ڏنو آهي، پر منهنجو سوال آهي ته ان سان ٿيندو ڇا.؟ ڇا اهو ٿيندو ته ڍل ۽ آبيانو زميندارن جو معاف ٿيندو، جن کي نقصان ٿيو ئي ناهي، فنڊ چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن وٽ ايندا، انهن ته ڪڏهن به فنڊن جي منصفاڻي نموني ورڇ ڪئي ئي ناهي، سدائين ڪاغذن ۾ خرچ ڏيکاريو ويندو آهي، ڇا نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ ايندڙ سروي ٽيمون حقيقي ماڻهن وٽ پهچنديون، منهنجي خيال ۾ ته نه.!! وري به اختيار انهن ئي ماڻهن وٽ ايندا، جن سدائين عوام جي ڀلائي لاءِ ايندڙ پيسي کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي، منپسند ماڻهن کي فائدو پهچايو آهي، بي پهچ ۽ لاچار ماڻهن جي واهر ڪئي ئي ناهي.

مون کي ته نٿو لڳي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪا پاڻي جي نيڪال لاءِ صرف هڪ مشين موڪلي لاڳاپيل اختياري يا چونڊيل نمائندي پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو هجي، بلديا وارن وٽان ته ناڪارا ۽ خراب مشينون ڳوٺن ۾ موڪليون وڃن ٿيون، جيڪي هڪ ڏينهن هلڻ کان پوءِ بريڪ هڻي وڃن ٿيون يا وري جي مشين هلي ٿي ته پوءِ ان جو پيٽرول يا ڊيزل پورو نٿو ڪيو وڃي، ها پورو ڪيو ٿو وڃي ته ان مشين سان گڏ پنهنجو فوٽو سيشن ڪرائي فرض پورو ڪيو وڃي ٿو.

حيدرآباد جي ٻهراڙين سميت سنڌ جا ماڻهو هن وقت برسات سبب سخت پريشانيءَ جو شڪار آهن، ماڻهن کي فوٽو سيشن نه، ڪوڙي سروي نه، سکڻي آفت سٽيل علائقي جي اعلان نه، پر حقيقي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. برساتي پاڻي مان بيزار ٿيل ماڻهو هن وقت ٻيو نه پر صرف برسات جي پاڻي جي گهيري مان پنهنجي جان آجي ڪرائڻ وارو مطالبو ڪري رهيا آهن، ڇو ته هڪ ته برساتي پاڻي ڪري ماڻهن جا رستا بند ٿيا آهن ۽ ٻيو جيڪڏهن گهڻو وقت پاڻي بيٺل رهيو ته ماڻهن جي گهرن کي به نقصان ٿي سگهي ٿو، هونئن ته ڪيترائي گهر برسات جي پهرين ئي سٽ نه سهندي ڪري پيا آهن، پر اهي گهر جن جي چوڌاري پاڻي بيٺل آهن، هاڻي انهن جون ڀتيون به ڏار ڏئي ويون آهن، انهن گهرن جي ڪرڻ جو به خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جيڪڏهن گهر ڪريا ته جاني نقصان به ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري خاص طور تي ڪچين آبادين ۽ ٻهراڙين جي ماڻهن جي تڪڙي واهر ڪئي وڃي، هنگامي بنيادن تي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪري ماڻهن کي مالي ۽ جاني نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.