لاڙڪاڻي ۾ ڪلارڪ جو اڳوڻي زال خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي محمد پور پاڙي جي رهواسي سول ڊفينس کاتي جي جونيئر ڪلارڪ پنهنجي گهر واري ۽ ڌيءُ سان گڏجي اڳوڻي گهر واري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رجب علي ميمڻ پنهنجي گهر واري زاهده ۽ معصوم ڌيءُ سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي شادي سال 1994ع ۾ سميران خاتون سان ٿي هئي جنهن مان ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جي اولاد آهي جنهن کي مون 7 جنوري 2011ع تي طلاق ڏني ۽ ان ئي سال مون زاهده سان ٻي شادي ڪئي جنهن مان ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جي اولاد آهي.

ن الزام لڳايو ته اڳوڻي گهر واري سميران سال اڳ منهنجي نالي تي نادرا مان قومي شناختي ڪارڊ ٺهرايو آهي خدشو آهي ته منهنجي رٽائرمينٽ يا فوت ٿيڻ کان بعد اهي پئسا هو هڙپ ڪندي ان لاءِ مون ڪيترائي ڀيرا نادرا آفيس وڃي دانهيو پر هن وقت تائين اڳوڻي گهر واري جو ڪارڊ رد ناهي ٿيو. هن مطالبو ڪيو ته اڳوڻي گهر واري سميران جو قومي شناختي ڪارڊ رد ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.