لطيف آباد ۾ سوشل موبلائيزيشن ونگ طرفان وڻڪاري مهم

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر لطيف آباد نمبر 11 حيدرآباد ۾ سوشل موبلائيزيشن ونگ (ٻيلو کاتو ۽ جهنگلي جيوت) جي تعاون سان ´ سرسبز سنڌ پروگرام` مون سون وڻ لڳايو مهم جي شروعات ڪري  تقريب منعقد ڪئي وئي۔ ان موقعي تي  ٻيلي کاتي حيدرآباد ريجن جي آفيسر ميڊم نورين, سندس ٽيم ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر لطيف آباد نمبر اا جي پرنسپل گل محمد ڪونڌر, ڪاليج جي استادن ۽ ٻي عملي ان مهم ۾ڀرپور حصو وٺندي وڏي تعداد ۾ ٻوٽا لڳايا۔. تقريب ۾ تلاوت پاڪ بعد وڻڪاري جي اهميت ۽ فائدن تي ڳالهائيندي فاريسٽ آفيسر ميڊم نورين چيو ته  ماحولياتي تبديلين جي اثرن ۽ گدلاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ وڻ انتهائي ضروري آھن ٻي صورت ۾ ڌرتي کي خطرن کان ڪير به نه روڪي سگهندو ان لاءِ وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکيا وڃن, هن تعاون ڪرڻ تي ڪاليج جي پرنسپال گل محمد ڪونڌر۔ استادن ۽ ٻي عملي جا ٿورا مڃيا۔ تقريب دوران ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر گل محمد ڪونڌر وڻڪاري مهم ۾ سندن ڪاليج جي چونڊ ڪرڻ تي فاريسٽ آفيسر جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته وڻ اسان جي زندگي جو اهم حصو آهن ۽ ماحول جي گدلاڻ روڪي ان کي صاف سٿرو رکڻ ۾ وڻن جو اهم ڪردار آھي، اهي نه صرف اسان انسانن پر جنگلي جيوت لاءِ به انتهائي اهم آھن انهيءَ لاءِ ان مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي سخت ضرورت آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.