”شاگردن سان ناانصافيون بند ڪريو“ ڳڙهي ياسين ۾ احتجاج

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي شاگردن سان ٿيندڙ ظلم خلاف شاگرد اڳواڻ ظفرالله جعفري ، جميل حيدر شر ، زين العابدين شر جي اڳواڻي ۾ ظهير احمد ڦلپوٽو ، عبدالرزاق ڦلپوٽو ، ذيشان احمد ، حنيف احمد ، شاهد رند ۽ ٻين سوين شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ظفرالله جعفري ، جميل حيدر شر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته لا ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ڪرپٽ آهي، چيئرمين لکين روپين جي ڪرپشن ڪري لا ڊپارٽمينٽ کي تباهه ڪيو آهي ،هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي ۾ ڪجهه شاگرد اهڙا به آهن جيڪي پنهنجو گذر سفر به پورو نه ٿا ڪري سگهن، اهي شاگردن آن لائين ڪلاس ڪئين وٺندا، ڪجهه شاگرد ٻهراِڙي جا آهن جتي انٽرنيٽ جي سهولت موجود نه آهي، گذريل 6 مهينن کان لاڪ ڊائون آهي ڪجهه شاگرد غريب آهن اُهي ڪٿا فيس ڀرندا ، غريب شاگردن تي رحم ڪيو وڃي،شاگردن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، ظلم بند نه ٿيو ته شاگرد سراپا احتجاج هوندا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.