سکر جي تاريخي پارڪ مان قيمتي وڻن جي واڍي

سکر( رپورٽر) سکر جي تاريخي قاسم پارڪ ۾ لڳل قديمي وڻ وڍڻ جو سلسلو جاري، انتظاميا اگھور ننڊ ستل، خبرموجب سکر شهر ۾ قائم تاريخي محمد بن قاسم پارڪ ۾ مرمتي ڪم دوران ٺيڪيدار ۽ عملي پاران لڳل تاريخي وڻ وڍڻ جو سلسلو جاري آهي. پارڪ ۾ لڳل وڻ رات جي اونداهي ۾ وڍي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ سکر جي سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي شهرين جو چوڻ آهي ته ميونسپل انتظاميا سکر جي پارڪن جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ لوڪس پارڪ ۾ لڳل قديمي وڻ وڍي رهي آهي. ميونسپل انتظاميا شهر ۾ نوان وڻ لڳائڻ بجاءِ پراڻن وڻن کي به ڪٽي رهي آهي. دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي باوجود سکر ۾ پارڪن اندر لڳل وڻ وڍڻ انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي پارڪن ۾ لڳل وڻ وڍيندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.