معذور ڪوٽا تي نوڪري ڏيو“ نوابشاهه ۾ معذور جو احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي علائقي گلشن مقدس ڪالوني جي رھواسي معذور نذير احمد چانڊيو نوابشاهه پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيون آھي ته مان ٻنهي ڄنگهن کان معذور آھيان، ھن چيو ته مان ھن وقت بيروزگاري واري زندگي گذاري رھيو آھيان مونکي ٻن ٻارن جو اولاد آهي جڏھن ته جڳهه به ڪرائي جي آھي، ھن چيو ته مان انتھائي مشڪل واري زندگي گذاري رھيو آھيان منھنجي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھن وس وارن کي اپيل ڪئي مونکي معذوري ڪوٽا تي نوڪري ڏني وڃي ته جيئن منھنجو گذر سفر سھي طرح سان ھلي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.