مڙس ۽ ڏير ڪارنهن جو ڪوڙو هڻي قتل ڪرڻ چاهين ٿا:شبيران کوسو

حيدرآباد(رپورٽر) تعلقي ٺل جي ٿاڻي ميرپور ٻرڙو جي حد ڳوٺ ردي مرزا جي رهواسڻ شبيران زال دلبر عرف جاني کوسو ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس مڙس ۽ ڏير ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي کيس قتل ڪرڻ چاهين ٿا. جنهن خوف مان گهر ڇڏي پنهنجي ڀاءُ وٽ پناهه ورتي آهي. هن چيو ته مڙس، سهرو ۽ ڏير کيس هرروز مارڪٽ ڪندا رهندا هئا ۽ ناجائز ڪڏهن ڪنهن سان ته ڪڏهن ڪنهن سان ڪارنهن جو الزام هڻي ڇڏيندا هيا. هن چيو ته اهڙي معاملي جي رپورٽ کڻي ميرپورٻرڙو ٿاڻي تي پهتس پر انهن ڪنهن به قسم جو تحفظ فراهم نه ڪيو نه وري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي. هن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي جيڪب آباد سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته کيس ناحق ڪارنهن الزام قتل ٿيڻ کان بچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.