مينهوڳيءَ کانپوءِ ساوڪ جي چادر ويڙهيل ٿر جي ڌرتي جو سُهڻو منظر

جڏهن سارنگ سانگ ڪري ٿرپار ڪر  جي پاسي تي پلرجي پالوٽ ڪري ٿو ته سالن کان سُڪل ڌرتي سائي ٿي پئي ٿي ، هر ماڻهو جي مُنهن تي مرڪ مهڪي پوي ٿي ،  پرند چرند توڙي چوپايو ان خوشيءَ ۾ گد گد ٿيو اَنُ چرڻ ۾ مست ٿيو پوي ٿو  ۽ هن سڪي ٺوٺ ڌرتي جي سائي ٿيڻ تي لوڪ فنڪار به سر سارنگ منجهان وائي ٻڌائڻ لاءِ بيقرار ٿيو پوي ٿو .

مينهوڳي جي هن موسم ۾ نگر پار جي نگريءَ جا به نخرا وڌي وڃن  ٿا ، ڪارونجهر جبل جي سونهن به سوائي ٿيو پوي  ۽ وري مور جي ٽورَ به پنهنجو مٽ پاڻ بڻجيو پوي ٿي .

وسڪاري جي مندَ ۾ نه رڳو ڌرتي سائو ويس پهري ٿي پر ڌرتي واسي به گهمڻ ڦرڻ لاءِ سڄي ملڪ مان ايندڙ ماڻهن جي وسيلي روزگار ملڻ تي سرها ڏسجن پيا .

ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان  ڪارونجهر جبل ۽ نگرپار جي سونهن پسڻ لاءِ آيل سياحن جو چوڻ آهي ته مينهوڳي جي موسم ۾ هتان جي خوبصورتي کين پنهنجو پاڻ ڇڪي اچي ٿي ، ههڙن نظارن هوندي کين ڪاغان ۽ ناران وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي .

سير جي سانگي پري پري کان آيل سياحن جو چوڻ هو ته نگر پار ڪر ۽ ڪارونجهر جبل  جي سونهن ته ڏسڻ وٽان آهي پر هنن ماڳن تي ايندڙ مسافرن لاءِ انتظاميا پاران ڪي به اپاءَ نه آهن جنهن کي کين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو

ٻين شهرن  کان ايندڙ ماڻهو جتي ڪارونجهر ، نگر پارڪر جي سونهن پسن ٿا اتي ڪاسبو مندر توڙي ٻين  تاريخي ماڳن تي حاضري ڀرڻ به ڪونه ٿا وسارين ، ۽ هتان قسمين قسمين جون هٿ سان ٺاهيل سوکڙيون پنهنجي پيارن لاءِ وٺي وڃن ٿا .

رپورٽ- غازي بجير

اسڪرپٽ: علي عابد

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.