پنج ڪرڪيٽر عالمي ڪپ بعد ريٽائر ٿي ويندا….

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عالمي ڪپ سان گڏ ئي 5 اسٽار ڪرڪيٽرن جو ون ڊي ڪيريئر پڻ پنهنجي پڄاڻي ٿي پهچندو ۽ شعيب ملڪ، ڪرس گيل، ڊيل اسٽين، جان پال ڊوميني، سريلنڪن پيسر ملنگا ۽ عمران طاهر آخري ڀيرو ايڪشن ۾ نظر ايندا.

ڊگهي ون ڊي ڪيريئر کان پوءِ ريٽائرمنٽ جو فيصلو ڪندڙ پنج ڪرڪيٽر عالمي ڪپ کان پوءِ هن فارميٽ کي الوداع چوندا، 282 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ 7481 رنسون ٺاهيندڙن پاڪستان جي پنجين ڪامياب ترين بيٽسمين شعيب ملڪ آف اسپين بالنگ جو جادو جڳائيندي 156 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون آهن، فيلڊنگ جي شعبي ۾ آل رائونڊر 96 ڪئچ پڻ پڪڙي چڪو آهي، هن گذريل سال جون ۾ ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته عالمي ڪپ کان پوءِ رڳو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ئي ملڪ جي نمائندگي ڪندو( هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان اڳ ئي ريٽائر ٿي چڪو آهي.

ويسٽ انڊين ٽيم ۾ واپسي کانپوءِ انگلينڊ خلاف چئن مئچن ۾ 424 رنسون ٺاهيندڙ ڪرس گيل به هلندڙ سال جي شروعات ۾ ئي اعلان ڪري ڇڏيو هوته عالمي ڪپ کان پوءِ ون ڪرڪيٽ نه کيڏندس.

پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران ڪيئي ڀيرا انجرين جو شڪار هئڻ باوجود دنيا جي تيز ترين بالرن ۾ شمار ٿيندڙ ڊيل اسٽين به گذريل سال جولائي ۾ اعلان ڪيو هو ته هو عالمي ڪپ کان پوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان ريٽائر ٿي ويندو.

پنهنجي ون ڊي ڪيريئر ۾ پنج هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ جان پال ڊوميني به عالمي ڪپ بعد ون ڊي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي.

ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي سڀ کان ڪامياب اسپنر عمران طاهر هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ 162 شڪار ڪري چڪو آهي.عمران طاهر اڳواٽ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته ورلڊ ڪپ بعد رڳو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ئي ملڪ جي نمائندگي ڪندس

سريلنڪن پيسر ليسٿ ملنگا جو به هي آخري عالمي ڪپ آهي، ملنگا ڪري چڪو آهي ته عالمي ڪپ بعد صرف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تائين محدود ٿي ويندس.

You might also like