سوات ۾ گهر مٿان پهاڙي ڇپ ڪري پئي، ماءُ ۽ چئن ٻارن سميت ڇهه ڄڻا فوت

سوات ( ويب ڊيسڪ ) پاٽين بانڊه مٽلتان ۾ پهاڙي ڇپ ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس موجب سوات جي علائقي پاٽين بانڊه مٽلتان ۾ گهر مٿان پهاڙي ڇپ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتون ۽ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿي پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙن ۾ ماءُ ۽ 4 ٻارڙا به شامل آهن جڏهن ته گهر جو سربراهه سخت زخمي ٿي پيو آهي، حادثي کانپوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاشن ۽ زخمي کي ملبي هيٺان ڪڍي اسپتال پهچايو.

You might also like