پاڪستان ڪاميابيءَ لاءِ سِڪندو رهجي ويو، پنجين ون ڊي ميچ به انگلينڊ جي نانءُ

 

ليڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 54 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ليڊز ۾ انگلش ٽيم ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 351 رنسون ٺاهيون، انگلينڊ طرفان جو روٽ 84 ۽ اين مورگن 76 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، پاڪستان جي شاهين آفريدي 4، عماد وسيم 3، حسن علي ۽ محمد حسنين هڪ – هڪ شڪار ڪيو.

جواب ۾ قومي ٽيم 46.5 اوورن ۾ 297 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان سرفراز احمد 97 رنسون ٺاهيون ۽ رڳو ٽن رنسن جي فرق سان سينچري کان محروم رهيو، جڏهن ته بابر اعظم 80 رنسون ٺاهي ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو. انگلينڊ طرفان ڪرس ووڪس بهترين بالنگ ڪرائيندي چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

انگلينڊ 5 ميچن جي سيريز 0-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي، جڏهن ته باقي چئني ون ڊي ميچن ۾ انگلش ٽيم ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

You might also like