اهي خطرناڪ عادتون، جن کي اسان نظرانداز ڪندا آهيون

اسان زندگي ۾ اڪثر ننڍن فائدن خاطر وڏن فائدن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون، جن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون عادتون آهن، جيڪي ظاهري طور خطرناڪ ناهن هونديون پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسان جي صحت کي نقصان پهچائينديون آهن، اهي ڪهڙيون عادتون آهن، اسان توهان کي هتي ٻڌائي رهيا آهيون.

نيرن نه ڪرڻ:

سڀني کي خبر آهي ته نيرن ڏينهن جي اهم غذا هوندي آهي ۽ ان کي ڇڏڻ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، ناشتو ڇڏڻ سان وزن وڌندو آهي، جڏهن ته رت ۾ شگر جو مقدار به وڌي وڃي ٿو، ان سان گڏوگڏ ناشتو ڇڏڻ سان توهان جو ميٽابولزم به سست ٿي ويندو آهي، جنهن سان توهان کي وڌيڪ کائڻ جي طلب ٿيندي آهي ۽ وزن وڌندو آهي.

هڪ تازي ريسرچ پيپر موجب جيڪي ماڻهو روز نيرن ڪندا آهن، اهي وڌيڪ ڪيلوريز استعمال ڪندا آهن، انهن جو موڊ بهتر رهندو آهي ۽ ڪم تي بهتر نموني ڌيان ڏئي سگهندا آهن.

سمارٽ فونز جو لاڳيتو استعمال:

اڄڪلهه ٽيڪس نيڪ سنڊروم نالي هڪ بيماري تي گهڻي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جنهن جو مستقل بنيادن تي نقصان پهچي سگهي ٿو، پنهنجي فونز کي ڏسڻ لاءِ اسان پنهنجي ڪنڌ کي جنهن انداز ۾ رکندا آهيون، ان سان ڪنڌ تي دٻاءُ وڌندو آهي ۽ يقين ڪيو يا نه پر ڊگهي عرصي تائين ائين ڪرڻ سان توهان کي سرجري جي ضرورت به پئجي سگهي ٿي.

پوئين کيسي ۾ پرس (والٽ) رکڻ:

جيڪڏهن توهان وزني والٽ کي پنهنجي پوئين کيسي ۾ رکڻ جي عادت جا شڪار آهيو ته ڄاڻي ڇڏيو مستقبل ۾ اها عادت توهان جي چيلهه ۾ سخت تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ان ڪيفيت کي عام ٻولي ۾ Wallet Sciatica چيو ويندو آهي، عورتن جي ڀيٽ ۾ اها بيماري مردن کي وڌيڪ ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن، ڇو ته مرد گهڻو وقت والٽ کيسي ۾ رکڻ جا عادت هوندا آهن، ان دوران ڊرائيونگ يا ٻي سرگرمي ڪرڻ سان چيلهه جي رڳن تي زور پوندو آهي، وڌيڪ عرصي تائين اهو عمل جاري رکڻ سان توهان لاءِ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري احتياط ڪندي والٽ کي پوئين نه اڳئين کيسي ۾ رکو.

هڪ جاءِ تي گهڻو وقت ويهي رهڻ:

تازي مطالعي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هڪ جاءِ تي گهڻو وقت ويٺل رهڻ جي عادت سان موت جا امڪان وڌي ويندا آهن، گهڻو وقت ويهندڙ ماڻهو ڪينسر يا دل جي مرضن جو شڪار ٿي سگهن ٿا، ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان روز 12 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ ڪرسي تي ويهو ٿا ته شگر جا امڪان به 80 سيڪڙو وڌي ويندا آهن.

ڊبليو ايڇ او موجب جسماني پورهيو نه ڪرڻ مختلف بيمارين جو وڏو سبب هجڻ سان گڏوگڏ دنيا ۾ موت جو چوٿون سڀ کان وڏو سبب به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.