ڌوني ٽڪيٽ ڪليڪٽر کان عظيم ڪرڪيٽر تائين

سرمد ادل سولنگي

اڄ کان 13 ورهيه اڳ جوهانسبرگ جي ميدان تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 عالمي جو فائنل ٿي رهيو هو، آخري اوور ۾ پاڪستان ٽيم کي رڳو 12 رنسون گهربل هيون ۽ ڀارت کي عالمي چيمپيئن بڻجڻ لاءِ رڳو هڪ وڪيٽ جي ضرورت هئي، ان وقت ڌوني ڪپتان جي حيثيت سان سڀ کان وڏو ۽ ڏکيو فيصلو ڪيو ۽ هن جوگندر شرما کي آخري اوور ڪيرائڻ لاءِ گهرايو، جڏهن جوگندر شرما اوور هلائڻ لاءِ ڪريز تي پهتو ته سموري ڀارت جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو هو، ڌوني جو اهو تجربو ڪامياب ٿيو ۽ ڀارت پهريون ٽي 20 عالمي ڪپ کٽڻ ۾ ڪاميابي ماڻي.

اتان کان مهندر سنگهه ڌوني جي ڪاميابين جو سفر شروع ٿئي ٿو، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جو شمار عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ڪامياب ترين ڪپتانن ۾ ٿيندو آهي، ايم ايس ڌوني نه رڳو پاڻ پرسڪون ڪپتان هو پر سندس موجودگي سان سموري ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پرسڪون رهندي هئي.

ڌوني جڏهن ڪپتان هوندو هو تڏهن هو آن فيلڊ ۾ مسڪرائيندو هو، پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو هو، هو پنهنجي بالرن سان ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن ميدان ۾ موجود ۽ تماشائي ۽ ٽي وي اسڪرين تي ڏسندڙ ڪرڪيٽ مداح دل ئي دل ۾ هن مهان ڪپتان کي داد ڏيندا هئا پر ان سموري صورتحال هئڻ باوجود ڪو به اهو اندازو نه لڳائي سگهندو هو ته سندس دماغ ڇا هلي رهيو آهي؟

مهندر سنگهه ڌوني جي نالي چيو ويندو آهي ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڀيٽ ۾ محدود اوورن واري راند کي وڌيڪ سمجهندڙ هو، هو محدود اوورن واري راند جو ڀلوڙ ڪپتان هو.

مهندر سنگهه ڌوني جي اڳواڻي ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي جا ٽئي وڏا ايونٽ پنهنجي نالي ڪيا، جن ۾ سال 2007 ۾ ٿيندڙ پهريون ٽي 20 عالمي ڪپ، سال 2011 جو عالمي ڪپ ۽ سال 2013 ۾ چيمپيئنز ٽرافي جهڙا ايونٽ شامل آهن.

ايم ايس ڌوني عالمي ڪرڪيٽ جو اهڙو منفرد ڪپتان هو، جيڪو صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو، اهڙيون ڪيتريون ئي ميچون آهن، جن ۾ هن ناممڪن کي ممڪن بڻايو ۽ هو ڏسندي ئي ڏسندي عالمي ڪرڪيٽ جو سڀ کان ڪامياب ڪپتان بڻجي ويو.

ڌوني نه رڳو هڪ بهترين ڪپتان هو پر سندس شمار عالمي ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ وڪيٽ ڪيپر ۽ ميچ ونر بيٽسمينن ۾ پڻ ڪيو ويندو هو، ڌوني اڪيلي سر ڀارت کي ڪيترين ئي ميچن ۾ ڪاميابي ڏياري.

ڌوني ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي مدي خارج دور مان ڪڍيو ۽ جديد ڪرڪيٽ جا نت نوان طريقا سيکاريا ۽ ڀارتي ٽيم کي عالمي ڪرڪيٽ جي سڀ کان مضبوط ٽيم طور اڳيان آندو، هن ٽيم کي سمجهايو ته ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪبي آهي، مخالفن کي شڪست ڪيئن ڏبي آهي.

مهندر سنگهه ڌونيءَ بهترين ڪاڪردگي سبب سال 2008 ۽ 2009 ۾ لاڳيتو سال جي بهترين ون ڊي پليئر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو، هو اهڙو اعزاز حاصل ڪندڙ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون رانديگر آهي، جنهن لاڳيتو ٻه ڀيرا سال جي بهترين ون ڊي پيلئر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، کيس 2007 ۾ راجيو گانڌي ايوارڊ، 2009 ۾ ڀارت جي چوٿين وڏي سويلين ايوارڊ پدما شري ۽ هلندڙ سال ڀارت جي سڀ کان وڏي سويلين ايوارڊ پدما ڀوشن سان نوازيو ويو، ان کان سواءِ ڪرڪيٽ جي عالمي اداري (آءِ سي سي) 2009، 2010 ۽ 2013 ۾سندس نالو سال جي بهترين ٽيسٽ اليون جي ڪپتان طور چونڊيو، جڏهن ته هو رڪارڊ 8 ڀيرا سال جي بهترين ورلڊ ون ڊي اليون ٽيم ۾ شامل رهيو، جن مان  5ڀيرا کيس ڪپتان هئڻ جو اعزاز حاصل رهيو.

9  ورهين تائين ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني جو اعزاز ماڻيندڙ ايم ڌوني 7 جولائي 1981 ڀارتي رياست جهارکنڊ (اڳوڻو بهار) جي مک شهر رانچي ۾ جنم ورتو، علائقائي ڪرڪيٽ کان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم تان هڪ ڏکيو سفر طئي ڪيو، سال 2015 ۾ سندس حياتي تي ٺهندڙ بالي ووڊ فلم ”ايم ايس ڌوني: دي ان ٽولڊ اسٽوري“ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو ويو آهي ته رانچي جو هي مهندر ڪيئن پنهنجي محنت سان اڳتي هلي سموري عالمي ڪرڪيٽ جو ”ماهي“ بڻجي ويو.

مهندر سنگهه ڌونيءَ ڀارت کانسواءِ ايشيا اليون، بهار، چنئي سپر ڪنگز، جهارکنڊ، رائزنگ پوني سپرجينٽس طرفان ڪرڪيٽ کيڏي، 90 ٽيسٽ، 350 ون ڊي ۽ 98 ٽي 20 ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي، هن 2005 ۾ چنئي جي ميدان تي سريلنڪا خلاف پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي ۽ سال 2014 ۾ ميلبورن جي ميدان تي ڪينگروز خلاف پنهنجي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ حصو ورتو، جنهن بعد هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.

ڌوني 90 ٽيسٽ ميچن جي 144 اننگز ۾ 16 ڀيرا ناٽ آئوٽ رهندي 38.09 جي ايوريج سان 4876 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن 6 سينچريون ۽ 33 ففٽيون شامل آهن، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس سڀ کان بهترين اسڪور 224 رنسون رهيو، جڏهن ته وڪيٽن پٺيان 256 ڪيچ ۽ 38 اسٽمپ ڪيا.

350 ون ڊي ميچن جي 272 اننگزن ۾ 84 ڀيرا ناٽ آئوٽ رهندي ڌوني 51.37 ايوريج سان 10سنيچرين ۽ 67 ففٽين جي مدد سان 10773 رنسون اسڪور ڪيون آهن، هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ ۾ سندس سڀ کان وڏو اسڪور 183 ناٽ آئوٽ آهي، جيڪو هن سريلنڪا خلاف ٺاهيو، وڪيٽ ڪيپر طور هن 440 شڪار ڪيا، جن ۾ 323 ڪيچ، جڏهن ته 117 اسٽمپ شامل آهن.

ايم ايس ڌوني 98 ٽي 20 ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي ۽ 42 ڀيرا ناٽ رهندي 37.02 جي ايوريج رکندي 2 ففٽين جي مدد سان 1617 رنسون اسڪور ڪيون، وڪيٽ ڪيپر طور هن 57 ڪيچ ۽ 33 اسٽمپ ڪيا.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀ کان ڪامياب ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جو پهريون پيار فٽبال هو، هو پنهنجي اسڪول جي فٽبال ٽيم ۾ گول ڪيپر هو، فٽبال سان سندس دلي لڳاءُ وقت به وقت ظاهر ٿيندو رهندو آهي، فٽبال کانسواءِ کيس بيڊمنٽن راند پڻ تمام گهڻي پسند آهي، جڏهن ته ڌوني کي موٽر ريسنگ جو پڻ تمام گهڻو شوق آهي، هن موٽر ريسنگ ۾ ”ماهي“ نالي هڪ ٽيم پڻ خريد ڪئي آهي.

ڇو ته هو بهترين موٽر بائيڪن جو ديوانو آهي، سندس ذاتي موٽر بائيڪن جو انگ هڪ درجن کان وڌيڪ آهي، ايم ايس ڌوني کي ڪرڪيٽر طور پهرين ملازمت انڊين ريلوي ۾ ٽڪيٽ ڪليڪٽر طور ملي هئي، ان بعد هو ايئر انڊيا ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو، جنهن بعد هو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي اڳوڻي چيئرمين اين شري نواسن جي ڪمپني انڊيا سيمنٽ ڪمپني سان سالهاڙجي ويو.

ايم ايس ڌوني جو شمار عالمي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ڪرڪيٽرن ۾ ٿيندو آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ کان اڳ سندس سالياني آمدني 150 کان 190 ڪروڙ رپيا هئي.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا شروعاتي ڪپتان مقامي هيرو هئا، جيڪي رڳو پنهنجي ملڪ تائين محدود رهيا، جن کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڪا خاص موٽ نه ملي پر مهندر سنگهه ڌوني عالمي ڪرڪيٽ جو اهو واحد ڪپتان هو، جنهن کي ڀارت کان سواءِ سموري دنيا جي ڪرڪيٽ کيس هڪ جيترو پيار، مان ۽ مرتبو ڏنو.

وڪيٽ ڪيپر طور عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ مارڪ بائوچر، ايڊم گلڪرسٽ، ڪمار سنگاڪارا بعد چوٿون نالو مهندر سنگهه ڌوني جو اچي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.