پهرين سيپٽمبر کان بزرگن کي گهر ويٺي پينشن ملندي

 

کيوڙا (ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزيراعظم جي خاص مددگار زلفي بخاري اعلان ڪيو آهي ته پهرين سيپٽمبر کان بزرگن کي گهر تي پينشن پهچائي ويندي ۽ نجي بئنڪ ۾ پينشن سڌي ريت ايندي.

کيوڙا ۾ ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوٽ (اي او بي آءِ) جي آفيس جي افتتاحي تقريب ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ زلفي بخاري شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي زلفي بخاري چيو ته ٻن سالن اندر پينشن ساڍا 8 هزار رپيا ڪئي وئي، اسان ٻين حڪومتن جيان ناهيون ته واعدا ڪري وساري ڇڏيون، پهرين سيپٽمبر کان بزرگن کي گهر وڃي پينشن ڏينداسين ۽ نجي بئنڪ ۾ پينشن سڌي ريت ايندي.

هن چيو ته پينشن تي توهان کي ڪريڊٽ ڪارڊ ملندو، قرض جي سهولت ملندي، اي او بي آءِ کي ڊجيٽلائز ڪري رهيا آهيون، گذريل 3 مهينن ۾ اسان 30 ارب رپيا گڏ ڪيا.

سندس چوڻ هو ته اي او بي آءِ جي سمري قانون واري وزارت کي موڪلي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڪم ڪندو آهي، اي او بي آءِ جو حقدار هوندو، جنهن ۾ فري لانس جرنسلٽ، ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتون به شامل هونديون، ان کانسواءِ توهان پاڻ کي اي او بي آءِ ۾ رجسٽرڊ ڪرائي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.