1920 وارن اگهن تي 2020 ۾ فلمون ڏسڻ جي آڇ

عالمي وبا ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ واري عمل کي محدود ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ۾ ملڪن ۾ لاڳو لاڪ ڊائونز ۽ سماجي وٿي وارن قدمن جي ڪري سڄي دنيا ۾ فلم ٿيٽرز مارچ کان بند پيل آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪيترن ئي مهينن جي بندش کان پوءِ هاڻ اي ايم سي انٽرٽينمنٽ هولڊنگز پهرين مرحلي ۾ 20 آگسٽ کان آمريڪا ۾ 100 کان وڌيڪ ٿيٽرز کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

دنيا جو سڀ کان وڏو ٿيٽر چين چيو آهي ۽ هو 3 سيپٽمبر کان ڪرسٽوفن نولان جي فلم ” ٽينيٽ“ جي ريليز جي لاءِ آمريڪا ۾ موجود 600 مان 100 کان وڌيڪ ٿيٽرز کي کولڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي.

اي ايم سي ٿيٽرز کولڻ واري اعلان سان گڏ شوقينن کي هڪ انتهائي وڏي آڇ به ڪئي آهي هنن کي فلم ڏسڻ جي لاءِ رڳو 15 سينٽس ادا ڪرڻا پوندا.

ڪمپني موجب اي ايم سي جي قيام کي 100 سال ٿي رهيا آهن ۽ پنهنجي سئو سالن جي تقريبن جي موقعي تي هنن سينيما کلڻ جي پهرين ڏينهن 1920 جي اگهن تي 200 ۾ فلوم ڏسڻ جي آڇ ڪئي  آهي.

ان آڇ جي تحت اي ايم سي سينما کلڻ جي پهرين ڏينهن شوقينن کي ٽڪيٽ جي مد ۾ رڳو 15 سينٽس ادا ڪرڻا پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.