ڌونيءَ کانپوءِ سريش رائنا به عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌونيءَ کانپوءِ مڊل آرڊر بيٽسمين سريش رائنا به عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب کاٻڙي بيٽسمين سريش رائنا سوشل ميڊيا تي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

ان کان اڳ ايم ايس ڌوني پڻ انسٽاگرام تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، جنهن جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي سريش رائنا به انسٽاگرام تي ڌوني کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سان کيڏڻ انتهائي خوشگوار هو ۽ مان به سچي دل ۽ فخر سان فيصلو ڪيو آهي ته توهان سان گڏ ان نئين سفر ۾ شامل ٿي وڃان.

هوڏانهن انڊين پريميئر ليگ ۾ سريش رائنا جي ٽيم چنئي سپر ڪنگز جي انتظاميا به کاٻڙي بيٽسمين جي رٽائرمينٽ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته سريش رائنا 18 ٽيسٽ، 226 ون ڊي ۽ 78 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي، هو 2011 ۾ ڌونيءَ جي اڳواڻي ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڀارتي ٽيم جو پڻ حصو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.