اڏاوتي منصوبو شروع ڪرڻ کان لاءِ ماحولياتي تحفظ واري اداري جي منظوري لازمي قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ ڪو به اڏاوتي منصوبو شروع ڪرڻ کان پهرين ماحوليات جي تحفظ واي اداري کان منظوري وٺڻ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس اطهر من الله حڪم ڏنو ته اسلام آباد ۾ ڪو به اڏاوتي منصوبو انوائرمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي منظوري کان سواءِ شروع نه ڪيو وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اسان اهڙي اسٽيج تي پهچي چڪا آهيون ته احتساب جو عمل شروع ٿيڻ گهرجي.

عدالت پاڪستان انوائرمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي کي آزادي حيثيت ۾ ايڪٽ جي موجب ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي دوران انوائرمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي، وفاقي نظامت تعليمات ۽ وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) جا نمائندا پيش ٿيا. سي ڊي اي جي طرفان وڪيل افنان ڪريم ڪنڊي عدالت ۾ پيش ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.