ڪراچي: فائنل ايئر جي شاگرد حيات بلوچ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: فائنل ايئر جي شاگرد حيات بلوچ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو
عوامي آواز رپورٽڪراچي: فائنل ايئر جي شاگرد حيات بلوچ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

بلوچ اسٽوڊنٽس ايجوڪيشنل فورم طرفان فائينل ايئر جي شاگرد حيات بلوچ جي آئين کان مٿاهين قتل خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  مظاهري جي اڳواڻي محسن ۽ ناصر منصور ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ته ڊسٽرڪٽ ڪيچ جي علائقي آپسر روڊ تي حيات بلوچ کي گوليون هڻِي قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته بلوچ اسٽوڊنٽ حيات بلوچ جي پونئرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ انهن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهيد حيات بلوچ جي قاتلن کي گرفتارڪري سندس ڪٽنب کي انصاف ڏياريو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.