يو اي اِي سان معاهدي جي هڪ ئي ڏينهن کان پوءِ اسرائيلي وزير اعظم جو يوٽرن

تل ابيب(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزر اعظم نيتن ياهو گڏيل عرب امارتن سان گڏيل لاڳاپن وارو معاهدو طئي ڪرڻ جي باوجود الهندي پٽي (ڪناري) کي اسرائيل ۾ شامل ڪرڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

عرب ميڊيا موجب اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو متحده عرب امارات سان معاهدي جي هڪ ڏينهن کان پوءِ ئي پنهنجي بيان ۾ اولهندي ڪناري کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ بابت اهم بيان ڏنو.

هن چيو ته گڏيل عرب امارتن سان گڏيل سهڪار جي معاهدي تحت هو الهندي ڪناري کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ جي منصوبي ۾ دير تي رضامند آهن پر هي منصوبو هاڻ به هنن جي ميز تي موجود آهي.

اسرائيلي وزير اعظم ٽي وي تي خطاب ۾ چيو ته هن رڳو ان منصوبي ۾ دير تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي پر هو پنهنجي حقن ۽ پنهنجي زمين جي لاءِ ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو.

نيتن ياهو جو چوڻ هو ته اسرائيل جي خودمختياري کي وڌائڻ جي منصوبي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي، اُلهندي ڪناري جي علائقن ۾ آمرڪا سان هم آهنگي سان گڏ اسان جي خودمختياري آهي.

ٻئي پاسي متحده امارات جي ڊپٽي سپريم ڪورٽ ڪمانڊر شهزاده محمد بن زايد النهيان طرفان ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته يو اي اي اسرائيل جي الهندي ڪناري جي علائقن کي ضم ڪرڻ جي منصوبي جو جائزو ورتو.

هن چيو ته فلسطيني علائقن کي وڌيڪ اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ معاهدو ڪيو ويو.

عرب ميڊيا موجب متحده عرب امارات جي پرڏيهي وزير ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته گهڻو ڪري ملڪن انهي ٻن رياستن جي وچ ۾ محفوظ حل جي لاءِ اهم قدم کي ڏسنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.