سپريم ڪورٽ کي پنهنجي قدمن بابت صحيح نموني نٿا ٻڌائي سگهون: سنڌ جو وڏو وزير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته شايد اسان سپريم ڪورٽ کي پنهنجي قدمن بابت صحيح نموني نٿا ٻڌائي سگهون.

قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اڄ سڄي قوم جشن آزادي ملهائي رهي آهي، ظلم ۽ ڪورونا جي ڪري ڪشميري آزادي جي تقريب سادگي سان پيا ملهائن.

ڪورونا جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ڪورونا بابت سڄي ملڪ جي اڳواڻي ڪئي آهي، سنڌ ۾ ٽيسٽنگ سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، پر ڪورونا اڃان ختم ناهي ٿيو، اسان کي احتياط ڪرڻو آهي.

وڏي وزير چيو ته اسان شايد سپريم ڪورٽ کي پنهنجي قدمن جي باري ۾ صحيح نموني ٻڌائي نٿا سگهون، 2009ع ۾ 125 ملي ميٽر مينهن پيو ته شاهراهه فيصل تي 3 ڏينهن پاڻي هو، ان ڀيري مينهن جو پاڻي 4 ڪلاڪ به نه بيٺو.

هن چيو ته سينٽرل ضلعي ۾ويسٽ مينجمنٽ ڪم نه پيو ڪري، سينٽرل ضلعي ۾ ڊي ايم سي پاڻ صفائي ڪندو آهي.

ڪراچي جي نالن جي حوالي سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان 38 سالن جي سروي ڪري صفائي ڪري رهيا آهيون، نالا صاف ٿي ويندا ته مسئلو حل ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.