”عدليه چوي ٿي ته ڪراچي جي جند ڇڏيو پر مون کي عوام ووٽ ڏنو، جيل مان چونڊ وڙهيس“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو چوڻ آهي ته عدليه چوي ٿي ته ڪراچي جي جان ڇڏيو ۽ گهر وڃو پر عوام اسان کي ووٽ ڏنو آهي ۽ جيل ۾ رهي اليڪشن کٽيون آهيان ان ڪري چيف جسٽس کي چوان ٿو ته منهنجي پٽيشن تي به فيصلو ڪري.

ڪراچي ۾ انتظاميا طرفان جشن آزادي جي سلسلي ۾ خاص تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ 12 وڄندي ئي تقريب ۾ موجود سمورن ماڻهن قومي ترانو پڙهيو ۽ ڪيڪ ڪاٽيو.

شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سڄي ملڪ کي جشن آزادي جي مبارڪ پيش ڪئي ۽ چيو ته عدليه چوي ٿي ته ڪراچي جي جند ڇڏيو ۽ گهر وڃو، ڇا آئون گهر وڃان؟ هي عوام جي عدالت آهي ٻڌو ڇا چئي رهي آهي، عوام ووٽ ڏنو آهي.

وسيم اختر چيو ته ڇا منهنجي وڃڻ سان ڪراچي کي پاڻي ملي ويندو ته آئون فوري استعيفيٰ ڏئي ٿو ڇڏيان، جيل مان ويهي اليڪشن وڙهي ۽ دنيا جو واحد ميئر آهيان جن جيل مان اليڪشن کٽي.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي مٿان هڪ ڏينهن ۾ 40 ايف آءِ آرز ڪاٽيون ويون، ڇا عدالت کي اِهو نظر نٿو اچي، منهنجي پٽيشن تي فيصلو ڇو نٿا ٻڌائن؟ چيف جسٽس صاحب توهان 30 آگسٽ کان پهرين منهنجي پٽيشن تي فيصلو ٻڌايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.