ڄامشورو، خيرپور ۽ کپرو سميت مختلف شهرن ۾ جشن آزادي جون تقريبون،ريليون

عوامي آواز رپورٽ
ڄامشورو، خيرپور ۽ کپرو سميت مختلف شهرن ۾ جشن آزادي جون تقريبون،ريليون
عوامي آواز رپورٽڄامشورو، خيرپور ۽ کپرو سميت مختلف شهرن ۾ جشن آزادي جون تقريبون،ريليون

سنڌ جي مختلف شهرن  ۾ پاڪستان جي آزادي جي موقعي تي ريليون ڪڍي پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته تقريبون ڪوٺائي پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان روشني وڌي وئي ، ڄامشورو ۾  پاڪستان مسلم ليگ فنڪشل ضلعي ڄامشورو جي صدر سيد صالح محمد شاھ , جنرل سيڪريٽري فقير حق نواز برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ۾ ڦلپوٽا اتحاد  سنڌ جي صدر شير دل۽ زاهد خان ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ سردار هائوس  ڳاڙهي پل تي هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي آزادي جو ڪيڪ  پڻ ڪاٽيو ويو .کوسڪي ۾ به تحريڪ انصاف حيدرآباد ڊويزن جي صدر عبدالله خان موسا خيل جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي  جهانگير پٺاڻ، عبدالوهاب خان ،مبشر گهمڻ ۽ ٻين ڪئي، قمبر ۾تنظيم اصلاح الفقراء حسينه نقشبنديه پاڪستان پاران درگاهه عاليه حسين آباد کان صاحبزاده  سيد نصرالله شاهه بخاري،مولوي محمد علي حسيني ۽  ٻين  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. کپرو  ۾ميونسپل ڪميٽي آفيس ۾ پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ٿي  جنهن ۾ پوليس جي دستن قومي جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي ، تقريب ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چئرمين وسيم قائمخاني، اسٽنٽ ڪمشنر ، ڊي،ايس،پي کپرو سميت فنڪشنل ۽ پ پ جي ڪائونسلرن شرڪت ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.